276

ملڪ ۾ گئس جو وڌندڙ بحران

ايڊيٽوريل

سڄي ملڪ اندر سردي وڌڻ سان ئي گئس جي لوڊشيڊنگ جو بحران سنگين ٿي ويو آهي. جيتوڻيڪ سردين جي لهر ۾ واڌ ته ڊسمبر ۾ آئي آهي، پر ڏٺو وڃي ته سئي گئس جي عهدن تي ويٺل آفيسرن گئس جي لوڊشيڊنگ ۽ پريشر ۾ گهٽتائي وارو مرحلو نومبر شروع ٿيڻ سان ئي شروع ڪيو ويو هو ۽ خاص ڪري گهريلو صارفين لاءِ گئس جي گهٽ پريشر ۽ گئس بندي هِن وقت ملڪ ۾ سڀ کان وڏو بڻيل آهي ۽ اِهو مسئلو وري خاص ڪري گئس جي وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ سنڌ صوبي ۾ انتهائي وڌيڪ ٿي ويو آهي. سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر سميت هر ضلعي ۾ صورتحال اِن حد تائين خطرناڪ ٿي وئي آهي جو ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو شهرن اندر به ماڻهو ڪاٺين تي باهه ٻاري رڌ پچاءُ ڪرڻ تي مجبور آهن. تازي آيل هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ صوبي جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ صنعتي توڙي گهرو گراهڪ گئس جي راهه ڏسڻ تي مجبور بڻيل آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سرديءَ ۾ سختي اچڻ بعد سڄي ملڪ ۾ گئس جي سپلاءِ گهٽ ٿي وئي آهي ۽ گهريلو گراهڪن سان گڏوگڏ صنعتي شعبن لاءِ به گئس جو بحران وڌيڪ سخت ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ سي اين جي ۽ آر ايل اين جي اسٽيشنن کي گئس جي سپلاءِ معطل ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي سائيٽ جي صنعتي ايريا ۾ گئس جي فراهمي معطل آهي. ڪورنگي جي صنعتي زون، فيڊرل بي ايريا ۾ به گئس پريشر انتهائي گهٽ آهي. لياري، نارٿ ڪراچي، سرجاڻي ٽائون ۽ لانڍيءَ ۾ ته گئس جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته اورنگي، بلديه ۽ ملير ۾ گئس پريشر نه هجڻ جي برابر آهي. ٻئي طرف اسلام آباد سميت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ به سي اين جي اسٽيشنن کي گئس فراهمي بند ڪئي وئي آهي. سيءَ ۾ واڌ کانپوءِ گئس جي کپت وڌڻ سبب سي اين جي اسٽيشنون بند ڪيون ويون آهن. ذريعن کان ڄاڻايو ويو آهي ته سي اين جي اسٽيشنن تي گئس 23 ڊسمبر کانپوءِ بحال ڪيو ويندو. ٻئي طرف پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جنوري 2021ع لاءِ 12 ايل اين جي ڪارگو جهازن جو انتظام ڪري ورتو آهي. جنوري لاءِ 30 سيڪڙو وڌيڪ ۽ سستي ايل اين جي گهرائي رهيا آهيون ۽ سئي ناردرن جي سسٽم ۾ 9 سيڪڙو تائين لوڊ وڌايو آهي، ڇو ته سئي سدرن کي ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ گهٽ پريشر جو چئلينج سامهون آهي.

اسان سمجهون ٿا ته سردي وڌڻ سان گئس جي کپت ۾ واڌ ٿيندي آهي، پر موجوده حڪومت ۾ ملڪي تاريخ ۾ اِهو پهريون ڀيرو آهي جو گهريلو صارفين به گئس جي بدترين کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. جيتوڻيڪ ٿيندو ائين آهي ته سياري جي شروعات کان اڳ ئي ملڪي ادارا گئس جي موجود ذخيرن کي ذهن ۾ رکي صنعتي توڙي گهرو سيڪٽرن لاءِ حڪمت عملي جوڙيندا آهن ته جيئن ان کي وقت سر منهن ڏئي سگهجي ۽ خاص ڪري گهريلو صارفين اهڙي موسم ۾ ڏکيائين کان بچي سگهن پر لڳي ائين ٿو ته هِن ڀيري آفيسر يا ته حڪومتي گائيڊ لائين تي عمل نه پيا ڪن يا وري اهي ڄاڻي واڻي حڪومت کي ناڪام ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. انتهائي سخت سرديءَ ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي ته شهرن ۾ رات جو 9 وڳي کانپوءِ گئس مڪمل بند ڪئي وڃي ٿي، جنهن سان هڪ طرف ته رڌ پچاءُ جو مسئلو ٿئي ٿو، جڏهن ته ٻئي طرف گهرن ۾ موجود پيرسن، ضعيف ۽ مريض سخت سرديءَ ۾ تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن. اسان حڪومت کان اِها گهر ٿا ڪريون ته گئس بحران جي جاچ ڪري ذميوار آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ گهٽ ۾ گهٽ گهريلو صارفين کي تڪليفن کان بچايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو