280

دنيا جون خطرناڪ عالمي وبائون ۽ ڪورونا…

ترجمو: عزيز ڏاهري

ڪجهه ماڻهن لاءِ 2020ع تباهي ۽ بربادي جو سال رهيو، جنهن ۾ عالمي وبا دوران لکين موت ٿيا، گهر مان ڪم ڪرڻو پيو ۽ زوم تي ميٽنگون ٿينديون رهيون، پر تاريخ تي نظر وجهنداسين ته خبر پوندي ته صورتحال ان کان به وڌيڪ ڏکي ٿي سگهي ٿي ۽ شايد تاريخي پسمنظر ڄاڻي اسان کي لڳندو ته 2020ع حقيقت ۾ ايترو خراب نه هو. جانز هاپڪنز يونيورسٽي جي انگن اکرن مطابق هِن وقت تائين سڄي دنيا ۾ 7 ڪروڙ 45 لک ماڻهن ۾ ڪورونا جي تشخيص ٿي چڪي آهي ۽ 16 لک ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن. جيتوڻيڪ ڪورونا دنيا جي بدترين عالمي وبائن مان هڪ آهي، پر ماضيءَ ۾ صورتحال اِن کان به وڌيڪ سنگين هئي. 1346ع کانپوءِ بليڪ ڊيٿ يا بوبونڪ طاعون دنيا جي سڀني کان وڌيڪ خطرناڪ بيمارين مان هڪ ٿئي، ان سان يورپ ۾ 2 ڪروڙ 5 لک ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ سڄي دنيا ۾ ان مرض سبب موتن جو تعداد 20 ڪروڙ هو. 1520ع کانپوءِ اسپين ۽ پرتگال جا ماڻهو امريڪا ايندي پاڻ سان گڏ چڪن پاڪس به کڻي آيا، جنهن سان کنڊ جا 60 کان 90 سيڪڙو ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. هسپانوي فلو 1918ع ۾ تقريبن سڄي دنيا ۾ پکڙيو. پهرين عالمي جنگ کانپوءِ وطن واپس ايندڙ فوجين ان کي پکيڙيو ۽ ان وبا ۾ به 5 ڪروڙ ماڻهو فوت ٿيا، ان سان عالمي سطح تي 3 کان 5 سيڪڙو آبادي ختم ٿي هئي. ايڇ آءِ وي/ ايڊز جي وبا 1980ع جي ڏهاڪي ۾ شروع ٿي ۽ ان سان هِن وقت تائين 3 ڪروڙ 20 لک ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن. هلندڙ عالمي وبا سان معيشت کي به گهڻو نقصان پهتو ۽ سڄي دنيا ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جو روزگار متاثر ٿيو آهي، ان هوندي به بيروزگاريءَ جي شرح اڃا به 33-1929ع جي معاشي بحران جي سطح تي ناهي پهتي. 1933ع خاص طور تي انتهائي خراب سال هو، ان وقت جرمنيءَ ۾ هر ٽيون شخص بيروزگار هو ۽ ان دوران عوام ۾ مشهور سياستدان ايڊولف هٽلر اقتدار ۾ آيو. اِهو سچ آهي ته ڪورونا دوران دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ ماڻهن کي گهڻو وقت گهر ۾ گذارڻو پيو ۽ اُهي پنهنجن پيارن سان نه ملي سگهيا، پر 536ع ۾ دنيا جي آبادي جو هڪ وڏو حصو ته آسمان طرف به نٿي ڏسي سگهيو. تاريخدان مائيڪل ميڪورمڪ مطابق يورپ، وچ اوڀر ۽ ايشيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ ان سال 18 ڏينهن لاءِ ڏينهن ۽ رات تي هڪ پراسرار ڌنڌ ڇانيل هو. هو چوي ٿو ته اِهو دنيا جي تاريخ ۾ وڏي پئماني تي ”بدترين عرصن مان هڪ هو“ جيڪڏهن اسان ان کي بدترين سال نه سمجهون تڏهن به. اِها گذريل 2300 سالن ۾ سرد ڏهاڪي جي شروعات آهي، جنهن ۾ فصل تباهه ٿيا، ماڻهو بکيا رهيا، ان جو سبب شايد آئس لينڊ يا اتر امريڪا ۾ لائو ڦاٽڻ هو ۽ ان جي رک اڌ دنيا تي وڃي ڪري هئي، اِهو سمجهيو ٿو وڃي ته لائي مان پيدا ٿيندڙ اِهو ڌنڌ يورپ، ايشيا ۽ دنيا جي ٻين حصن تائين پکڙيو ۽ ان سان سيءَ جي آيل سخت لهر ڪيترن ئي علائقن کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو هو. تاريخي اعتبار سان هلندڙ سال عالمي سياحت لاءِ به انتهائي خراب هو پر هڪ لک 95 هزار سال اڳ کان ئي انسان کي سخت سفري پابندين کي منهن ڏيڻو پيو آهي. اِها ان سرد ۽ خشڪ عرصي جي شروعات هئي جيڪا هزارين سال جاري رهي، ان کي ميرين آئسوٽوپ اسٽيج-6 جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. پروفيسر ڪرٽيس مريان جهڙا سائنسدان سمجهن ٿا ته ان ڏڪار سان اسان جو نسل ختم ٿيڻ جي ويجهو پهچي چڪو هو. سندس چوڻ آهي ته انسان جي بقا غارن ۾ رهي ممڪن ٿي، آفريڪا جي جي ڏاکڻئين سمنڊ تي اهڙا ئي غار موجود آهن، ان مان هڪ غار جو نالو جنت جو باغ (گارڊن آف ايڊن) آهي. هتي ماڻهن سامونڊي غزا تي گذارو ڪرڻ سکيو. 4 آگسٽ تي لبنان جي گاديءَ واري شهر بيروت ۾ هڪ وڏو ڌماڪو 2750 ٽن امونيم نائٽريٽ کي غير محفوظ انداز ۾ رکڻ سبب ٿيو، جنهن سبب 190 موت ٿيا ۽ 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا. ماهرن مطابق اِهو تاريخ جو سڀ کان وڏن غير جوهري ڌماڪن مان هڪ هو ۽ ان جي شدت هڪ ڪلو ٽن ٽي اين ٽي جيتري هئي ۽ اِهو هيروشيما تي ڪيرايل بم جو 20هون حصو ٿئي ٿو. پر ڊسمبر 1984ع ۾ انڊيا جي شهر ڀوپال ۾ ڪيميڪل پلانٽ ۾ هڪ ليڪيج سبب ڌماڪو ٿيو هو ۽ ان ۾ هزارين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا، ان کي جديد تاريخ جي بدترين صنعتي حادثن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو. انڊين حڪومت مطابق ڌماڪي کانپوءِ تقريبن 3500 ماڻهو فوت ٿيا هئا، اِهو سمجهيو وڃي ٿو ته ڌماڪي کانپوءِ ايندڙ سالن ۾ ڦڦڙن جي بيماري سبب 15 هزار موت ٿيا ۽ ڌماڪي کانپوءِ شهر ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين خطرناڪ ڌنڌ ڇانيل رهيو، جنهن سبب اڄ به ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن. آسٽريليا ۾ گذريل گرمين جي موسم دوران ٻيلن ۾ لڳندڙ باهه سبب گهٽ ۾ گهٽ 33 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، پر ان سان ٿيندڙ نقصان تمام وڏو هو. شهر ۾ تقريبن 3 ارب جانور مري ويا يا کين پنهنجو گهر ڇڏي ٻين علائقن ۾ منتقل ٿيڻو پيو، جن ۾ هر قسم جا چرند پرند شامل آهن. پر ان کان اڳ سيپٽمبر 1923ع ۾ زلزلن سان طوفان جي شڪل ۾ باهه پکڙي هئي ۽ اهڙن واقعن ۾ جاپان ۾ ٽوڪيو ۽ يوڪوهاما وچ ۾ هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ موت ٿيا هئا.

ڪيترن ئي زاوين کان 2020ع هڪ انتهائي ڏکيو سال رهيو آهي. عالمي وبا سبب اسان افراتفريءَ ۾ ضروري شيون خريد ڪري رهيا هئاسين ته ڪڏهن وري پنهنجن پيارن کان سماجي فاصلو به رکيو. اسان مان ڪيترائي ماڻهو لاڪ ڊائون کان بيزاريءَ جو شڪار به ٿيا ۽ صرف سينيٽائيزر سان هٿ ملائيندي ڏٺا ويا، پر اچو ته هلندڙ سال ۾ ٿيندڙ ڪجهه سٺين ڳالهين تي به نظر وجهون. هيءُ اهڙو سال هو، جنهن ۾ عالمي سياست ۾ عورتن جي شموليت وڌي. 2020ع ۾ 20 رياستن جي سربراهي عورتن جي هٿن ۾ هئي، 1995ع ۾ اِهو انگ صرف 12 هو. گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ مطابق 2020ع ۾ مختلف ملڪن جي پارليامينٽن ۾ عورتن جي موجودگي ٻيڻي ٿي آهي ۽ اِهو انگ سمورين سيٽن جو 25 سيڪڙو حصو ٺهي ٿو ۽ هِي اُهو سال آهي، جنهن ۾ ڪملا هيرس تاريخ رقم ڪئي، امريڪا ۾ نائب صدر چونڊجڻ واري اُها پهرين عورت آهي، نه صرف ايترو پر پهرين ڪاري رنگ جي عورت آهي، پهرين اهڙي عورت آهي، جنهن جو تعلق ڏکڻ ايشيائي برادري سان آهي ۽ اُها ئي پهرين عورت آهي، جيڪا لڏي آيلن جي ڌيءُ آهي. سڄي دنيا ۾ ماڻهن نسلي فرق خلاف ان اميد ۾ وڏا مظاهرا ڪيا ته مستقبل بهتر ٿيندو. ماحول لاءِ به هڪ سٺي خبر هئي ۽ اُها اِها ته وڌيڪ ڪمپنيون هاڻ گهٽ ڪاربان خارج ڪرڻ جون واعدو ڪري رهيون آهن. اصل ۾ گڏيل قومن مطابق ڪيترين ئي مقامي حڪومتن ۽ ڪاروباري ڪمپنين مجموعي طور تي ڪاربان خارج ڪرڻ کي زيرو ڪرڻ جي حامي ڀري آهي. فيس بڪ، فورڊ ۽ مرسڊيز بينز انهن ڪمپنين ۾ شامل آهن. جيڪڏهن اِهي سٺيون ڳالهيون اوهان لاءِ ناڪافي آهن ته اِهو به ظاهر آهي ته ڪنهن وقت تي اسان کي هيءَ زمين ڇڏڻي پوندي. آڪٽوبر ناسا اعلان ڪيو هو ته چنڊ تي اسان جي ماضيءَ جي مشاهدي کان وڌيڪ پاڻي آهي ۽ هيءَ اهڙي دريافت آهي، جنهن سان مستقبل جي مشن اڃان به اهم ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن اسان زمين تي ئي رهڻ جي اميد ڪيون ٿا ته 2020ع ۾ عالمي وبا کان سکيل سبق اسان ياد رکنداسين، هڪ شيءِ واضح آهي ۽ اُها اِها ته گهٽ ۾ گهٽ ماڻهو هاڻ وڌيڪ باقاعدگيءَ سان هٿ ڌوئي رهيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو