326

سينيٽ چونڊن جي شيڊول کي ڪوبه تبديل نٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن هر ڪو چور ۽ ڦورو آهي ته سڄي پارليامينٽ گهر هلي وڃي: سليم مانڊوي والا

لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا جو چوڻ آهي ته سينيٽ چونڊن جي شيڊول کي ڪوبه تبديل نٿو ڪري سگهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا جو چوڻ هو ته استعيفيٰ ڏيڻ وارو فيصلو سياسي پارٽين جو آهي، جيڪڏهن سياسي پارٽيون سمجهن ٿيون ته صحيح آهي ته ٺيڪ آهي. هن چيو ته سينيٽ چونڊن جي شيڊول کي ڪوبه تبديل ڪري نٿو سگهي، مارچ ۾ سينيٽرز رٽائرڊ ٿيندا ته شيڊول ايندو، باقي جيڪا مرضي اٿن چوندا رهن. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومتي وزير چئي رهيا آهن ته اسان ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا، هر اداري کي پنهنجي ملازمن جو پاڻ احتساب ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن پارليامينٽرين تي الزام ايندو ته پارليامينٽ ان جو احتساب ڪندي، جيڪڏهن هر ڪو چور ۽ ڦورو آهي ته سڄي پارليامينٽ گهر هلي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو