340

ميهڙ ۾ مبين چانڊيو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي پيپلز هاري ڪميٽي جو نواب شاهه پوليس خلاف مظاهرو

ميهڙ ( ن سوڀ)ضلعي شھيد بينظيرآباد ۾ پيپلزهاري ڪميٽي ضلع جي قائم مقام صدر لقمان چانڊيو مٿان حملو ۽ سندس چاچي مبين چانڊيو کي قتل ڪندڙ حملي آورن کي گرفتاري لاءِ پيپلز هاري ڪميٽي ضلعي دادو طرفان ضلعي صدر عبدالمطلب پنهور، جنرل سيڪريٽري علي حيدر ملاح، سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري منير پنهور، نائب صدر عبدالغفارشاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميهڙ گهنٽاگهر چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب تائين احتجاج مظاهرو مظاهري ۾ پ پ هاري ڪميٽي جي اڳواڻن ضلعي صدر عبدالمطلب پنهور، جنرل سيڪريٽري علي حيدر ملاح، سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري منير پنهور، نائب صدر عبدالغفارشاهاڻي، حافظ محمد يامين پنهور، سنتوش ڪمار، ذوالفقار ڏاوڇ،  اسلم چانڊيو ، ذوالفقار سمون ۽ ٻين اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز هاري ڪميٽي ضلع شھيد بينظيرآباد جي صدر لقمان چانڊيو کي زخمي ڪندڙ ۽ سندس چاچي مبين چانڊيو کي قتل ڪندڙ جوابدارن جي پوليس پشت پناهي بند ڪري قاتلن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت شھيد بينظيرآباد پوليس خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو