230

2023 تائين سيد مراد علي شاهه ئي وڏو وزير رهندو: ناصر حسين شاهه

ٺٽو (ڊ ر) سنڌ جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آھي ته سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه 2023ع تائين وڏو وزير رهندو ۽ اڄ رات مراد علي شاهه پهچي ويندو، جيڪو سڀاڻي سي ايم  هائوس ۾ پنهنجون سرگرميون شروع ڪندو، وڏي وزير بابت مخالف غلط پروپئگنڊا ڪري رهيا آهن پر انهن ۾ ڪابه صداقت ناهي ۽ وڏي وزير جي تبديلي بابت ڪوبه غور نه ٿي رهيو آهي، 27 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي تاريخي جلسو ٿيندو، جنهن ۾ پي ڊي ايم جي سموري قيادت شرڪت ڪندي. ٺٽي ۾ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي سيد رخسانه شاھ جي والدہ ۽ پ پ ضلعي ترجمان محمود عالم شاھ بخاري جي نانيءِ جي وفات تي ساڻن تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي صوبائي وزير چيو ته وزير اعظم عمران خان يوٽرن وٺي رهيو آهي، هفتي تائين اسلام آباد ۾ ڌرڻو جاري رهڻ جي صورت ۾ استعيفيٰ ڏيڻ جي ڳالهه به ڪري رهيو آهي پر هو ان کان اڳ ئي يوٽرن وٺندو. پي ڊي ايم جي فيصلي تحت سموريون استعيفائون پارلياماني ميمبر پنهنجي پنهنجي پارٽي قيادت وٽ جمع ڪرائي رهيا آهن. ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه سان گڏ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻو صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي، ايم پي اي رياض حسين شاهه شيرازي، ايم اين اي اياز شاهه شيرازي، اڳوڻو ايم پي اي امير حيدر شاهه، پ پ اڳواڻ محمود عالم شاهه ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو