247

پاڪستان ڀارتي اشتعال انگيزي وارو معاملو گڏيل قومن ۾ اٿاري ڇڏيو

اسلام آباد/نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارتي اشتعال انگيزي جي حوالي سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪونسل کي خط لکي ڇڏيو آهي. پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل بيان مطابق پاڪستان ڀارتي فوج پاران يو اين ملٽري آبزرور گروپ جي گاڏي تي حملي وارو معاملو گڏيل قومن ۾ اٿاريو آهي، ڀارتي حملي وارو معاملو گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي خط ذريعي اٿاريو. پاڪستان پاران يو اين جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪونسل جي صدر کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي فوج گڏيل قومن جي مبصرن ۽ ان جي گاڏي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو، حملي جو مقصد پاڪستان خلاف فاسٽ فليگ آپريشن جي تياري لڳي ٿو، جڏهن ته پاڪستان ڪنهن به ڀارتي مهم  جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق پاڪستان جي مستقل نمائندي پاران لکيل خط ۾ ڀارت پاران شهرين کي نشانو بڻائڻ ۽ ايل او سي تي سيز فائر معاهدي جي مسلسل خلاف ورزي بابت به آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ گڏيل قومن تي زور ڏنو ويو آهي ته ڀارتي حملي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو