ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سپاف جي اڳواڻ شھيد ڊاڪٽر ظفر راڄپر جي 28 ھين ورسي جي موقعي تي لمس ڪالوني ڄامشورو ۾ شھيد جي ڌيءَ پ پ اڳواڻ سسئي راڄپر جي ميزباني ھيٺ ٿيل تعزيتي ميڙاڪي ۾ پ پ اڳواڻن سينيٽر عاجز ڌامراهه، فدا حسين ڍڪڻ، سھراب خان مري، ويرجي ڪولھي، لالا رحمان خان پٺاڻ، شاھدا رحماني، علي محمد سھتو، جاويد ناياب لغاري، سرور راڄپر ۽ لياقت شاھاڻي سميت ٻين اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شھيد ڊاڪٽر ظفر راڄپر جي 28 ھين ورسي تي سڀ گڏ ٿيا آھيون، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته پاڪستان پيپلزپارٽي پنھنجي شھيد اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي نه وساريندي آھي. ھنن چيو ته اڄ اسان کي ان ورسي جي مناسبت مان پ پ جي تاريخ تي روشني وجھڻ جو موقعو مليو آھي، جيڪو شھادتن جي ھڪ وڏي داستان آھي، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي اڄ تائين جيڪي به اڳواڻ ۽ ڪارڪن شھيد ٿيا آھن يا قيد ۽ تڪليفون برداشت ڪري رھيا آھن، تنهن باوجود اهي ڀٽو ازم کان پوئتي نه ھٽي رھيا آھن، اها ئي شهيدن ۽ سندن پارٽي سان کليل محبت جو اظهار آهي. هنن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اھا واحد جماعت آھي جنهن جمھوريت لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آھن، ھي اھا جماعت آھي جيڪا ڪڏھن به آمر اڳيان نه جھڪي آھي. هنن چيو ته شھيد ڊاڪٽر ظفر راڄپر پ پ جو اھو جيالو ھو جنهن ڀٽوازم جي سياست ڪئي ۽ شھادت تائين ثابت قدم رھيو، پاڪستان پيپلزپارٽي اڄ به شھيدن جي وارثن سان گڏ آھي، ھي واحد پارٽي آھي جيڪا پنھنجي ڪارڪنن سان ھر ڏک سک ۾ گڏ بيٺل ھوندي آھي. ھنن چيو ته هاڻوڪي حڪومت ۾ عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي، صنعتي ترقي ۽ زراعت ۾ بھتري توڙي عام ماڻھن جي زندگي بھتر بڻائڻ جي نعري تي اقتدار ۾ آيا آھن پر انھن کي اھا خبر نه آھي ته اھي جيڪي هنن نعرا ھنيا اھو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو خيال ھو جيڪو پيپلزپارٽي پورو ڪيو. ھنن چيو ته پ پ جي سمورن ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز پنھنجي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري جي حڪم تي پنھنجا استيعفيٰ سندس حوالي ڪري ڇڏيا آھن ۽ پ پ پ جو ھر ڪارڪن فائنل رائونڊ جي تياري ڪري رهيو آهي.
202