284

واپاري ملڪي معيشت ۾ اهم ڪرادار ادا ڪن ٿا، هر شهري کي تحفظ فراهم ڪبو:ڊي آءِ جي شهيدبينظيرآباد

نوابشاهه( بيورو رپورٽ) چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ضلعي شهيد بينظير آباد جي لا اينڊ آرڊر ڪميٽي جي چيئرمين عمران عظيم شهر ۾ وڌندڙ ڏوهن ۽ واپارين کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد مظهر نواز شيخ سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري امن امان جي صورتحال بابت ڳالهيون ڪيون ۽  واپاري برادري کي سيڪيورٽي جي حوالي سان پيش ايندڙ مسئلن بابت آگاهه ڪيو ان موقعي تي ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد مظهر نواز شيخ ڳالهائيندي چيو ته واپاري برادري مُلڪي معيشت جو اهم حصو آهي، ننڍو واپاري هجي يا وڏو واپاري، ان کي تحفظ فراهم ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي ان حوالي سان ڊويزن جي سڀني پوليس آفيسرن کي سختي سان پابند بڻايو ويو آهي ته واپاري برادري ۽ ڪاروباري مارڪيٽن ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن ۽ عوام کي به اپيل آهي ته هو شر پسندن تي ڪڙي نظر رکن ۽ انهن جي نشاندهي ڪن ڊي آئي جي مظهر نواز شيخ چيو ته گذريل ڏينهن دوران جيڪي وارداتون پيش آيون انهن تي پوليس ڪم ڪيو آهي ۽ اسان ڏوهارين ماڻهن جي تمام ويجهو پُچي چڪا آهيون جلد ڦُر ٿيل سامان ۽ ڪيش رقم واپس ڪرائي ويندي ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويندو هن چيو ته ڪاروباري علائقن جي سيڪيورٽي جي حوالي سان پلان ترتيب ڏنو آهي جلد ان تي عمل ڪرايو ويندو واپاري برادري کي به گهرجي ته هو سهڪار ڪن ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائون پڻ لڳايون وينديون ڏوهاري ماڻهن جي لاءِ ڪا به رعايت نه آهي عوام جو تحفظ ڪرڻ اسان جي اولين ذميواري آهي جنهن کي هر صورت ۾ پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. چيمبر آف ڪامرس لا اينڊ آرڊر ڪميٽي جي چيئرمين عمران عظيم ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد کي يقين ڏياريو ته پوليس طرفان ڏنل سيڪيورٽي پلان تي واپاري برادري مڪمل عمل ڪندي پوليس جو ساٿ ڏيندي. جڏهن ته هن کان اڳ چيمبر آف ڪامرس لا اينڊ آرڊر ڪميٽي جي وفد اي ايس پي مظفر صديقي سان پڻ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري امن امان جي صورتحال بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو