277

سمورا ملڪ ايران سان واپاري ۽ اقتصادي ڏيتي ليتي ڪن: گڏيل قومون

جنيوا  (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل عالمي اداري جي سمورن ميمبر ملڪن کي چيو آهي ته اهي ايران سان واپاري ۽ اقتصادي ڏيتي ليتي ڪندي لاڳاپن کي معمول موجب اڳيان وڌائين.گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوترش جامع ائٽمي معاهدي جي ٺهراءَ 22،21 تي عملدرآمد بابت ڏهين رپورٽ پيش ڪئي. هن  سمورن ملڪن ۽ علائقائي ۽ عالمي تنظيمن تي زور ڀريو ته اهي جامع ائٽمي معاهدي تي عملدرآمد ڪندي ايران سان اقتصادي ۽ واپاري سرگرميون انجام ڏين. هن چيو ته اهو معاهدو ايران جي ائٽمي مسئلي جي جامع ۽ مناسب حل جو بهترين پروگرام آهي ۽ ان سان علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي ۾ پڻ مدد ملندي،گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ائٽمي معاهدي سان آمريڪا جي ڌار ٿيڻ کي افسوس جوڳو قرار ڏيندي هٽايل پابندين کي واشنگٽن پاران ٻيهر لاڳو ڪرڻ کي ائٽمي معاهدي ۽ سلامتي ڪونسل جي ٺهراءَ جي ابتڙ قرار ڏنو. هن چيو ته ان حوالي سان تازي رپورٽ اڱاري تي سلامتي ڪونسل جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو