280

شڪر آهي ڪورونا وائرس کان بچي ويس، سنگيتا جي صحتيابي لاءِ دعاگو آهيان: ميرا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪاره ميرا چيو آهي ته شڪر آهي ته هوءَڪورونا وائرس کان بچي وئي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل ڏينهن هوءَ اداڪاره سنگيتا جي گهر ڪراچي ۾ موجود هئي، ان دوران سنگيتا جو ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ پازيٽو آئي، جنهن کانپوءِ فوري طور تي هن پنهنجي ٽيسٽ ڪرائي جيڪا نيگيٽو آئي آهي. هن ٻڌايو ته هن پنهنجي رهائشگاهه تبديل ڪئي آهي ۽ ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ منتقل ٿي وئي آهي. هن پنهنجي مداحن کي اپيل ڪئي ته اهي سنگيتا آپا جي صحت لاءِ دعا گهرن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو