200

پي ڊي ايم کي تاريخون ڏيڻ جي عادت پئجي چڪي آهي، 31 ڊسمبر گذري ويندي پر استعيفائون کيسن ۾ رهجي وينديون:عثمان بوزدار

لاهور ( ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته پي ڊي ايم کي تاريخون ڏيڻ جي عادت پئجي چڪي آهي، مخالفن کي استعيفيٰ ڏيڻ جي اخلاقي جرئت ناهي،  ڊسمبر گذري ويندي پر استعيفائون کيسن ۾ رهجي وينديون، هي ڄاڻين پيا ته جيڪڏهن هي استعيفائون ڏين ها ته خالي جاين تي چونڊ ٿي وڃي ها. هو ڪيتريون به منٿون ڪن پر کين اين آر  او نه ملندو. هن وڌيڪ چيو ته هي وقت احتجاج واري سياست جو نه پر عوام جي خدمت ڪرڻ جو آهي،  لاهور ۾ هڪ طرف ترقي ۽ ٻئي طرف مايوسيون نظر اچي رهيون آهن ، شهر جي پٺتي پيل علائقن ۾ سهولتون ڏنيون وينديون،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو