ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 14 مريض فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 737 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 950 ماڻهو صحتياب ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9322 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنھن جي نتيجي ۾ 737 نوان ڪيس ظاھر ٿيا آهن جيڪي تشخيص شرح جو 8 سيڪڙو آهن. هن ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 14 مريض فوت ٿي ويا فوتين جو ڪُل تعداد 3333 تائين پهچي ويو جيڪو فوتين جي شرح جو 1.6 سيڪڙو آهي. هن چيو ته ھيستائين 2231728 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ 204840 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 950 مريض صحتیاب ٿيا آهن جنھن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو ٽوٽل انگ 180730 ٿي ويو جيڪو صحتيابي جي شرح جو 88 سيڪڙو آهن. هن ٻڌايو ته هن وقت 20777 مريضن جو علاج جاري آهي جن مان 19917 گهرن ۾، 15 آئسوليشن سينٽرن ۽ 845 مريضن کي مختلف اسپتالن ۾ علاج ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته 743 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن مان 77 مريض وينٽيليٽرز تي آهن. هن ٻڌايو ته 737 نون ڪيسن مان 542 ڪيس ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع ڏکڻ ۽ ضلع اوڀر 169-169، ضلع ڪورنگي 71، ضلع سينٽرل 54، ضلع ملير 46 ۽ ضلع اولھ33 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا. ساڳي ريت حيدرآباد 54، ڄامشورو 17، سجاول 13، دادو 11، شهيد بينظير آباد 10، بدين 7، ٺٽو، خيرپور، ٽنڊو محمد خان ۽ مٽياري 6-6، لاڙڪاڻو ۽ قمبر 5-5، ميرپورخاص، شڪارپور، عمرڪوٽ، سکر ۽ نوشهرو فيروز 4-4، ٽنڊوالهيار 3، جيڪب آباد ۽ گهوٽڪي 2-2 نوان ڪيس ظاھر ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريندي چيو آھي تہ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.
230