136

ورڪرز ويلفيئر فنڊ حوالي نه ڪرڻ ۽ صوبي جي گئس پنجاب کي ڏيڻ تي سنڌ حڪومت جو وفاق سان احتجاج،سنڌ جي گئس تي ڪنهن جي اجازت سان ڌاڙو هنيو ويو آهي؟ سنڌ سرڪار

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) ارڙهين ترميم هيٺ محنت وارو کاتو صوبن حوالي ٿيڻ باوجود وفاق ان سان لاڳاپيل ورڪرز ويلفيئر فنڊ ۽ اي او آئي بي صوبن حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته 172 مان 124 ارب رپيا تسليم ڪرڻ باوجو اهي پڻ نه ڏنا آهن، جنهن ڪري سنڌ حڪومت  عدالت ۾وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت سنڌ جي گئس سئي ناردرن کي ڏيڻ تي پڻ سخت احتجاج ڪندي ان کي ڌاڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. احتجاج ان سلسلي ۾ محنت ۽ تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني آچي ڏينهن پنهنجي ڪئمپ آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ورڪرز ويلفيئر ۽ اي او بي آءِ فنڊز تي وفاق جو غيرقانوني قبضو آهي، صوبائي قانون ٺاهڻ باوجود اُهي کاتا حوالي نٿا ڪيا وڃن. هن چيو ته  ارڙهين ترميم کان پوءِ  محنت وارو کاتو به سنڌ کي مليو ۽ سنڌ حڪومت ليبر سان لاڳاپيل 16 قانون ٺاهي اسيمبليءَ  مان منظور به ڪرايا پر  ان معاملي تي ڪجهه صنعتڪارن هاٰ ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو جتان فيصلو اسان جي حق ۾ آيو پر ان کان پوءِ هاڻي اهو معاملو  سپريم ڪورٽ ۾ آهي، عدالت جو فيصلو اچڻ تائين اسان جا قانون صحيح آهن. جنهن تي عمل ڪري رهيا آهيو، هن وڌيڪ چيو ته ارڙهين ترميم کان پوءِ  وفاق کان محنت واري کاتي کي جيڪي شيئر ملڻا آهن سي وفاق ڏيڻ نه ٿو گهري، جيڪڏهن ڪو صوبو قانون نه ٿو ٺاهي ته ان جي سزا قانون ٺاهيندڙ صوبن کي نه ٿي ڏئي سگهجي. سعيد غني وڌيڪ چيو ته ايف بي آر هڪ آڊٽ فرم کي غير آئيني ۽ غير قانوني طور خط لکي ورڪرز ويلفيئر فنڊز ۽ اي او بي آئي وفاق جي انتظام هيٺ هئڻ بابت ٻڌايو ويو آهي. هن چيو ته اهو معاملي سي سي آئي ۾ ويو ته ان اهو  ڪميٽيءَ ۾ موڪليو، جنهن تي ان بابت ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ بلوچستان ۽ پنجاب پڻ اسان جي موقف کي تسليم ڪيو ۽ ان وقت وفاق پاڻ به وٽس 172ارب رپين مان 124 ارب رپيا هئڻ تسليم ڪيو ، پر  سي سي آئي ۾ ان ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي جي رپورٽ وري ان جي ابتڙ  پيش ڪئي وئي، جنهن تي  سنڌ ۽ پنجاب ڪميٽيءَ جي رپورٽ غلط قرار ڏئي چڪا آهن ۽ اسان هاڻي ان معاملي کي عدالت ۾ چئلنج ڪرڻ وارا آهيون جنهن جي سنڌ جي وڏي وزير منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي. سعيد غني وڌيڪ چيو ته  هي اڍائي سالن کان اهو پيا سمجهن ته وفاق صوبن کي پيو پالي پر حقيقت اها آهي ته صوبا وفاق کي پيا پالين، جڏهن صوبا ڪمائين ٿا ته تڏهن ئي وفاقي ادارا هلن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان استعفائون قيادت حوالي ڪيون آهن، اڳتي جي حڪمت عملي پي ڊي ايم ئي ٺاهيندي، منهنجي پنهنجي راءِ اها آهي ته اسان کي ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺڻ گهرجي ته جيئن اهو به پتو پئجي وڃي ته ماڻهو هاڻي پي ٽي آئي کي پسند نه ٿا ڪن. گئس بحران جو ذڪر ڪندي صوبائي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ايل اين جي وقت سر خريد نه ڪري قوم کي 140 ارب رپين جو نقصان ڏنو آهي. ٻي پاسي سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو آهي ته سنڌ گئس جي معاملي ۾ خود ڪفيل آهي ان جي باوجود صوبو بحران جي ور چڙهيل آهي، سنڌ جي گئس تي ڪنهن جي اجازت سان ڌاڙو هنيو ويو آهي؟ سنڌ جي وسيلن تي قبضي جي اجازت نه ڏينداسين. سنڌ کي گئس جي سپلائي جي معاملي تي اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي.  هوڏانهن هڪ بيان ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ سنڌ جي عوام کي سياري ۾ گئس کان محروم رکيو ويو آهي، صوبي جي عوام کي سليڪٽيڊ حڪمرانن کي رد ڪرڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، سنڌ کي گئس مهيا ڪري عوام کي پريشان ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، بي رحم ۽ نااهل حڪمرانن کي عوامي پريشانين جو احساس نه آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو