اسلام آباد (م ڊ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته اربين رپين جي مني لانڊرنگ سبب غربت ۽ مفلسي آهي، شرعي منافعي جي آڙ ۾ لٽيو ويو، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته هڪ ٿيلهي جي نه پر اربين رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي وئي آهي، بدعنواني سمورن مسئلن جي پاڙ آهي، مضاربه ڪيس ۾ اسلامي سيڙپڪاري نالي ماڻهن کي لٽيو ويو، شرعي منافعي جي لالچ ۾ سموري ڪمائي ڦري وئي، مضاربه ڪيس ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏي واردات هئي، مفتي احسان ۽ سندس ساٿين کي 10 سال جي سزا ۽ 10 ارب رپيا ڏنڊ پيو. هن چيو ته قائداعظم رشوت ۽ اقرباپروري کي وڏو مسئلو قرار ڏنو هو، وائيٽ ڪالر ڪرائيمز ۽ اسٽريٽ ڪرائيمز ۾ فرق آهي، نيب سارڪ ملڪن جي لاءِ رول ماڊل جي حيثيت رکي ٿو، گڏيل قومن جي بدعنواني خلاف ڪنوينشن تحت فوڪل ادارو آهي. نيب چيئرمين وڌيڪ چيو ته شهباز شريف خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پاپڙ وارو، ڪٻاڙي وارو، پٽيوالو ۽کير وارو به سامهون آيو.
