218

سينيٽ چونڊ شيڊول ڪير به تبديل نٿو ڪري سگهي، سينيٽرز ريٽائر ٿيندا ته شيڊول ايندو: ڊپٽي چيئرمين

لاهور   ( م ڊ )  سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته سينيٽ جي چونڊن جي شيڊول کي ڪير  به تبديل نٿو ڪري سگهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيائيندي سليم مانڊويوالا چيو ته استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو سياسي پارٽين جو آهي جيڪڏهن سياسي  پارٽيون سمجهن ٿيون ته اهو صحيح آهي ته ٺيڪ آهي. سليم مانڊوي والا جو چوڻ هو ته سينيٽ جي چونڊن جي شيڊول کي ڪير به تبديل نٿو ڪري سگهي. مارچ ۾ جڏهن سينيٽرز رٽائر ٿي ويندا ته پوءِ ئي شيڊول ايندو، باقي هنن جي مرضي آهي جيڪو به چوندا رهن. ڊپٽي سينيٽ چيئرمين وڌيڪ  چيو ته حڪومت جا وزير چئي رهيا آهن ته اسان ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا. هر اداري کي پنهنجي ملازمن جو پاڻ احتساب ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن پارليامينٽرين تي الزام ايندو ته پارليامينٽ ان جو احتساب ڪندي.  جيڪڏهن هر ڪو چور ۽ ڌاڙيل آهي ته سموري  پارليامينٽ کي گهر وڃڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو