لاهور ( م ڊ ) پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز سان باڪسنگ مقابلي جو چئلينج قبولي ورتو آهي. رپورٽ موجب عالمي شهرترکندڙ پاڪستان ڄائي باڪسر عامر خان فردوس عاشق اعواڻ ۽ مريم نواز جي وچ ۾ باڪسنگ جي مقابلي جو اعلان ڪيو هو. جنهن کان پوءِ فردوس عاشق اعواڻ مريم نواز سان باڪسنگ جي مقابلي جو چئلينج قبول ڪري ورتو آهي. هن چيو ته فائٽ برابري واري سان ٿيندي آهي. برائلر ڪڪڙيون ڪهڙو مقابلو ڪنديون. هن وڌيڪ چيو ته اپوزيشن پهرين وارم اپ مئچ کيڏي، پوءِ ميدان تي لهي. لاهور واري جلسي پي ڊي ايم کي ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو سين، زخمي مرهم پٽي ڪرائڻ بعد ٻيهر اُٿندا ته نئون لائحه عمل جوڙيو ويندو، حڪومت جو سڄو ڌيان ڪورونا کي منهن ڏيڻ تي آهي، باڪسر عامر خان سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران فردوس عاشق اعواڻ چيو ته لاهور ۾ اڪيڊمي ۾ ٺاهڻ لاءِ پنجاب سرڪار محمد عامر جي مدد ڪندي، پنجاب ۾ پهريون ڀيرو صوبائي حڪومت جامع اسپورٽس پاليسي آندي آهي.
207