228

نيب (ن) ليگ اڳواڻ خواجه آصف کي اسلام آباد ۾ احسن اقبال جي گهر مان گرفتار ڪري ورتو

اسلام آباد(م ڊ) نيب (ن) ليگ اڳواڻ خواجه آصف کي اسلام آباد ۾ احسن اقبال جي گهر مان گرفتار ڪري ورتو آهي، نيب ذريعن موجب خواجه آصف کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال جي صحيح سان سندس گرفتاري وارنٽ جاري ٿيا هئا، خواجه آصف کي گرفتاري بعد نيب راولپنڊي آفيس ۾ منتقل ڪيو ويو، جتي سندس طبي معائنو ڪيو ويو، جڏهن ته  اڄ احتساب عدالت مان راهداري رمانڊ ورتو ويندو، نيب ان کان اڳ ڪيترائي ڀيرا خواجه آصف کي غيرملڪي اقامي ڪيس ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن ڪيس ۾ طلب ڪيو هو، هوڏانهن مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته خواجه آصف (ن) ليگ مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت بعد احسن اقبال جي گهر مان روانو ٿيو ته نيب گرفتار ڪيو آهي، ذريعن موجب خواجه آصف کي ان ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪو پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم عمران خان جي خصوصي معاون عثمان ڊار ان تي ڪيو هو، عثمان ڊار جي ان ڪيس تي خواجه آصف کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسيمبلي ميمبر شپ تان نااهل قرار ڏنو هو، نيب ذريعن موجب خواجه آصف دبئي مان حاصل ڪيل 22 ڪروڙ رپين جي آمدني جا ذريعا ٻڌائڻ ۾ ناڪام ويو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو