228

مولانا شيراني جو جي يو آءِ پاڪستان کي جي يو آءِ ف کان ڌار ڪرڻ جو اعلان

ڪوئيٽا ( م ڊ ) جي يو آءِ ف جي امير سان اختلاف رکندڙ مولانا محمد خان شيراني مولانا شيراني جو جي يو آءِ پاڪستان کي جي يو آءِ ف کان ڌار ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ پڻ جي يو آءِ پاڪستان جي نالي سان نوٽيفڪيشن جمع ڪرايو ويندو ۽ جي يو آءِ ف وارو نوٽيفڪيشن واپس ڪرايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪو ڪجهه ٿيو پئي اهو سچائي کان خالي هو، پر  اسان جو ڪو به ميمبر قرآن ۽ سنت جي ابتڙ قدم نه کڻندو. ڪوڙن تي الله جي لعنت آهي ، اسان جي پوري ڪوشش آهي ته اهڙن ڪوڙن ماڻهن کي اڪيلو ڪري ڇڏجي. هاڻي سمورا  ميمبر  پنهنجو فيصلو ڪرڻ ۾ آزاد آهن، انهن تي ڪو به دٻاءُ نه وڌو ويندو، اهي پنهنجي مرضي موجب ئي ڪو فيصلو ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو