لاهور(م ڊ) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز خواجه آصف جي گرفتاري تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته خواجه آصف کي نواز شريف جو ساٿ ڏيڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي، هن مون کي ٻڌايو ته کيس ڪنهن گهرائي چيو آهي ته نواز شريف جو ساٿ ڇڏيو، خواجه آصف ان جو نالو ٻڌايو آهي، اهو امانت آهي، في الحال نالو ظاهر نه ڪنديس، هن چيو ته خواجه آصف کي گرفتار ڪري اسان کي ڌمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، خواجه آصف کي گرفتار نه پر اغوا ڪيو ويو جيڪڏهن کيس آزاد نه ڪيو ويو ته معاملا خراب ٿي سگهن ٿا، نيب عمران خان جي سهولتڪار بڻجي ويو آهي، عمران خان کي هر صورت ۾ گهر وڃڻو پوندو.
