168

پيپلز پارٽي جو اسيمبلين ۾رهڻ ۽ سينيٽ چونڊن ۾حصو وٺڻ جو اعلان، تجويز پي ڊي ايم ۾ پيش ڪرڻ جو به فيصلو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ اسيمبلين ۾ موجود رهڻ ۽ سينيٽ جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان  ڪندي اها تجويز پي ڊي ايم وٽ پيش ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي. اهڙو فيصلو پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي صدارت هيٺ پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. سي اي سي 31 ڊسمبر تائين سڀني ميبمرن جون استعفائون پارٽي قيادت وٽ جمع ڪرائڻ،  حڪومت کي 31 جنوريءَ تائين ڏنل ڊيڊ لائين ۽ لانگ مارچ ڪرڻ سميت پي ڊي ايم جي سمورن فيصلن توڙي ٺهرائن جي توثيق پڻ ڪري ڇڏي آهي. اجلاس کان پوءِ بلاول ڀٽو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسين اسيمبلين ۾ رهي هن حڪومت جو مقابلو ڪنداسين،  چاهيون ٿا ته سموريون پارٽيون گڏجي سينيٽ ۾ حڪومت جو مقابلو ڪن،  هن ناجائز ۽ ڪرپٽ حڪومت کي عدالتن، سمورين، اسيمبلين ۽ سينيٽ ۾ انهن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، اسان کي  سميت هر فورم تي حڪومت کي  بي اعتمادي رٿ سميت هر طرح جي قانوني طريقن سان هن حڪومت کي چئلينچ ڪرڻ گهرجي. سينيٽ ۾ سڀ گڏجي هنن جو مقابلو ڪنداسين ته ڪامياب ٿينداسين. بلاول ڀٽو  وڌيڪ چيو ته هيءَ  پيپلز پارٽيءَ جي  جي سي اي سي جي راءِ آهي ان بابت ڪو به  فيصلو پي ڊي ايم ئي ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي پارٽي جي اها ئي پاليسي آهي ته اسان کي پي ڊي ايم جي اي پي سي جي ايڪشن پلان موجب ئي هلڻ گهرجي، هن وقت تائين پي ڊي ايم رڳو اهو فيصلو ڪيو آهي ته استعفائون پارٽي قيادت وٽ ئي جمع ٿينديون. پي ڊي ايم اڃان اهو فيصلو نه ڪيو آهي ته استعفائون ڪڏهن پيش ڪرڻيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته سي اي سي فيصلو ڪيو آهي ته هي وزيراعظم جي وڃڻ جو وقت آهي، هاڻي ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون. هيءَ  حڪومت پاڻ گهر هلي وڃي يا وري اسين ان کي گهر موڪليون. بهتر اهو آهي ته 31 جنوريءَ تائين عمران خان پاڻ ئي هليو وڃي نه ته اسين پاڻ ئي ان کي ٻاهر ڪڍنداسين، ان کي ڪيئن ڪڍنداسين اهو نه ٿو ٻڌائي سگهان. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ  ۽ ٻاهرين مداخلت بند ڪرائي وڃي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته آدمشماري درست ظاهر نه ڪئي وئي، ان تي فاٽا ۾ به اعتراض اٿاريا ويا، اسان رڳو جمهوري عمل هلڻ ۽ آدم شماري جا نتيجا ري چيڪ ڪرڻ لاءِ حڪومت کي وقت ڏنو، اسان ڪالهه به ان جي خلاف هئاسين ۽ اڄ به خلاف آهيون. سنڌ ۽ ٻين صوبن کي پڻ آدمشماريءَ تي اعتراض آهن. آدمشماري جي معاملي کي پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان پڻ اٿاريو ويندو، ان معاملي تي اسين حڪومت جي انهن اتحادين سان به رابطو ڪنداسين جن آدمشماري جي نتيجن تي اعتراض ڪيو آهي.هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ گهري ٿي،  ٻيٽن جي معاملي تي پڻ اسين انهن سان رابطو ڪنداسين. هن ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو ته اسان هر سياسي گرفتاري جي مذمت ڪريون ٿا، انتقام جي سياست پاڪستان جي جمهوريت ۽ سلامتي جي خلاف آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو