اسلام آباد(م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد پيپلز پارٽي جي سي سي اي اجلاس جي حوالي سان چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان لاءِ هڪ وڌيڪ ماتم جي صف وڇايل هوندي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اپوزيشن جماعتن جي استعيفيٰ جو معاملو رولڙي ۾ پئجي ويو آهي، اهي ضمني چونڊ وڙهندا، پيپلز پارٽي سينيٽ چونڊن ۾ حصو ورتو ته (ن) ليگ به وٺندي، هن چيو ته پيپلز پارٽي جي فيصلي بعد (ن) ليگ کي به سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ پريشر ٿيندو، نواز شريف واپس نه آيو ته اپوزيشن جماعتون استعيفيٰ نه ڏينديون.
226