جهمپير (رپورٽ: عالم چنڊ) سنڌ جو ناميارو اديب ۽ محقق، ڪھاڻيڪار، استاد، سائين جي ايم سيد جو پيروڪار ۽ جھمپير جي ماڙي وارو آدرشي انسان سائين رسول بخش درس گڙدن جي تڪليف سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ زندگي جي جنگ ھارائي ويو، سنڌ ۾ سوڳ ڇائنجي ويو. رسول بخش درس جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ ڪري کيس ڊائو اسپتال ڪراچي جي آءِِ سي يو وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو ھو. گڙدن جي تڪليف وڌڻ سبب 3 ڏينهن اڳ حيدرآباد جي هڪ اسپتال کان کيس ڪراچي جي ڊائو اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. جھمپير جي ماڙي واري آدرش انسان جي گذريل رات کان طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ ڪري کيس آءِِ سي يو منتقل ڪيو ويو. جتي ڪيترن ئي ڪتابن جي مصنف، ڪهاڻيڪار، اديب رسول بخش درس ساھ جو سڳو ٽٽي پيو. سندس پُٽن اسماعيل درس، ننگر درس، سارنگ درس، راول درس طرفان موت جي تصديق ڪئي ويئي. رسول بخش درس 8 کان مٿي ڪتاب لکيا، سندس سڀ کان وڌيڪ ڪتاب ڪھاڻين تي لکيل آھن. جڏھن ته سنڌ جي قومي اڳواڻن جي جدوجھد ۽ زندگي تي سندس ڪتاب ”سنڌ ھيرن کاڻ“ ڏاڍو مشھور ٿيو، جيڪو ٽن حصن حصو پھريون، حصو ٻيو ۽ حصو ٽيون ڇپجي پڌرو ٿيو. جڏھن ته رسول بخش درس ڪھاڻين سان گڏ شاعري ۾ پڻ ڪتابن جي صورت ۾ سنڌ جي ادب ۾ واڌارو ڪيو، کيس سنڌ ۽ سيد سان بيپناھ عشق ھو، سندس جھمپير جي ماڙي تي قومي اڳواڻن ۽ قومي ڪارڪنن جا ھميشه ميلا متل ھوندا ھئا. هوڏانهن پ پ سينيٽر سسئي پليجو، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، ايس ٽي پي جي مرڪزي چيئرمين َڊاڪٽر قادر مگسي پاران گهري ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي. جست (شفيع ڪرناڻي) گروپ ۽ سنڌ ڪلچرل فورم ڪھاڻيڪار رسول بخش درس تي 3 ڏينھن سوڳ ملھائڻ جو اعلان ڪندي سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون. جيئي سنڌ لبرل فرنٽ جي مرڪزي اڳواڻ نواز خان زئور ۽ ٻين پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو. هوڏانهن سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي عهديدارن احمد سولنگي، سيد اعجاز شاهه، ڊاڪٽر رخسانه پريت، سجاد ميراڻي ۽ مارو جمالي هڪ گڏيل بيان ۾ سنڌ ڌرتي جي ڏاهي اديب ۽ ڪهاڻيڪار رسول بخش درس جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظھار ڪندي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آھي.
322