233

وزيراعظم ريلوي ڪالونين ۾ بجلي جا ميٽر لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) بجلي جي مد ۾ پاڪستان ريلويز کي اربين روپين جو نقصان پهچڻ تي وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ريلوي ڪالونين ۾ بجلي جا ميٽر نه هجڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. ريلوي واري وزير اعظم سواتي جي پيش ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ريلوي ڪالونين ۾ بجلي جا ميٽر نه هجڻ سبب ساليانو  اڍائي ارب روپين جو نقصان ٿيندو آهي. رپورٽ موجب ريلوي ملازم بجلي استعمال ڪندا رهيا مالي بار ريلوي تي پوندو رهيو، نقصان واپڊا ۽ ريلوي اختيارين جي ملي ڀڳت سبب ٿيو. وزيراعظم عمران خان رپورٽ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريلوي ڪالونين ۾ 25 هزار بجلي جا ميٽر هنگامي طور تي لڳائڻ جو حڪم ڏنو. هن هدايت ڪئي ته ريلوي رهائشي ڪالونين ۾ بجلي جا ميٽر لڳائڻ جو عمل 4 مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم بجلي ميٽر جي معاملي تي ڪوآرڊينيٽر کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو