208

اسپيڪر کي مخالف ڌر جي ميمبرن جون استعيفائون ايندي ئي منظورڪرڻ ۾دير نه ڪرڻ گهرجي: عمران خان

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وفاقي ڪابينا رجسٽريشن بنا پرڏيهي فنڊن تي هلندڙ اين جي اوز  خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ نيب کي آمريڪا جي ايجنسي ايف بي آئي سان ڪرپشن جي معاملن بابت  ڄاڻ جي ڏي وٺ جو معاهدو ڪرڻ جي اجازت  ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسپيڪر کي مخالف ڌر جي ميمبرن جون استعفائون ايندي ئي منظورڪرڻ ۾دير نه ڪرڻ گهرجي، ميمبرن جي استعفا جي تصديق ٿيڻ کان پو ءِ 30 منٽن اندر اها منظور ڪري ڇڏڻ گهرجي. وفاقي ڪابينا جو فيصلو وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيو .  وفاقي ڪابينا قومي احتساب بيورو ( نيب ) ۽ آمريڪا جي فيڊرل بيورو آف انويسٽيگيشن (ايف بي آءِ ) جي وچ ۾ ڪرپشن جي معاملن ۾ ڄاڻ جي ڏي وٺ لاءِ  معاهدو ڪرڻ، سي ڊي اي کي اسلام آباد ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون قائم ڪرڻ جي لاءِ 120 ايڪڙ زمين مخصوص ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ،  گلگت بلتستان ۾ ٽن سالن جي لاءِ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري مقرر ڪرڻ،  ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان ۾ 16 وفاقي ڊرگ انسپيڪٽرز جي مقرري ۽ انهن جو دائرو مخصوص ڪرڻ ۽  جاويد غني کي فيڊرل بورڊ آف روينيو جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.  اجلاس ۾  پاڪ فوج خلاف ڳالهائڻ تي مفتي ڪفايت الله خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ چيو ويو ته وفاقي ڪابينا فوج مخالف بيانن جو سخت نوٽيس وٺندي واضح ڪيو آهي ته قومي ادارن جي خلاف ڳالهائڻ شرم جوڳو آهي، اهڙي قسم جي ڳالهين سان دشمن کي خوش ڪيو پيو وڃي، اهڙا بيان ڀارتي ميڊيا تي بريڪنگ نيوز طور تي هلايا وڃن ٿا.  اجلاس ۾ پيٽروليم ڊويزن ڪابينا کي ملڪ ۾ گئس جي دستيابي جي حوالي سان بريفنگ ڏني، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته برطانيا مان ايندڙ مسافرن جي نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ ڪورونا ويڪسين جي حوالي سان حتمي فيصلو تمام جلد ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڱاري ڏينهن ٿيو. ڪابينا کي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ڪورونا وبا جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته برطانيا مان ايندڙ مسافرن جي نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ ڪورونا ويڪسين بابت پڪو فيصلو جلد ڪيو ويندو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪورونا وبا جي ٻي لهر دوران پاڪستان طبي سامان جي لحاظ کان پاڻڀرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ وينٽيليٽرز، ماسڪ ۽ ٻيو سامان ملڪ جي اندر ئي ٺاهيو ۽ استعمال ڪيو پيو وڃي. پيٽروليم ڊويزن ڪابينا کي ملڪ ۾ گئس جي موجودگي بابت بريفنگ ڏني.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو