154

پ پ وفد جي ايم ڪيو ايم(پ)اڳواڻن سان ملاقات،آدمشماري ۽ ٻيٽن بابت گڏجي هلڻ تي اتفاق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ايم ڪيو ايم پاڪستان سان رابطو ڪيو آهي. ٻنهي پارٽين  رابطا جاري رکڻ ۽ آدمشماري ۽ ٻيٽن جي معاملي تي گڏجي هلڻ تي اتفاق پڻ ڪري ورتو آهي. اهڙو اتفاق ٻنهي پارٽين جي وفدن جي هڪ ملاقات ۾ ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب پيپلز پارٽيءَ جو وفد ايم ڪيو ايم جي مرڪز بهادر آباد تي پهچي ويو ، پ پ جي وفد ۾ سعيد غني، تاج حيدر ۽ مرتضيٰ وهاب شامل هئا ، جتي انهن جي ايم ڪيو ايم جي خواجه اظهار الحسن، فيصل سبزواري، جاويد حنيف  ۽ ٻين سان ڳالهيون ڪيون. انهن ڳالهين ۾  پيپلز پارٽي ۽ متحده وفد آدمشماري سميت  صوبي جي مسئلن تي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي تاج حيدر چيو ته ڪراچي ۾ ٽين ڌُر کي مڙهيو ويو آهي، ڇهين آدمشماري ۾ سنڌ جي هڪ ڪروڙ چاليهه لک آبادي گهٽ ڏيکاري وئي، سينيٽ ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ پارليماني ليڊرن جو معاهدو ٿيو  هو ته 2017 جي آدمشماريءَ جي نتيجن کي نه ٿا مڃون، 5 سيڪڙو بلاڪن تي ٻيهر ڪرائي وڃي. ٻيٽن جي معاملي تي پ پ ۽ متحده جو موقف ساڳيو آهي، پي ايم سي جي تڪراري نتيجن سوڌو ٻين مسئلن تي ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو، چاهيون ٿا ته متحده وارا اسان سان ڀاڪر پائي وٺن،   اڳتي وڌڻو آهي ته عوام جي مفادکي اڳيان رکڻو پوندو.  ايم ڪيو ايم سيني سان لڳي ته ڏاڍي خوشي ٿيندي، ان موقعي تي متحده اڳواڻ فيصل سبزواري  ڳالهائيندي چيو  ته پ پ سان ملاقات دوران عوام جا مسئلا حل ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيون، اُميد ته عدالت ۽ٻين فورمن تي آدمشماري جي نتيجن خلاف ويڙهه ۾ پيپلز پارٽي اسان جو ساٿ ڏيندي.اسان عوام جي بهتري بابت فيصلن ۾ ڪڏهن به سياست نه ڪئي، جتي به گڏيل حڪمت عمليءَ جي گهرج پوي ٿي اتي اسين گڏ ئي هوندا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو