222

نيب هٿان گرفتار ٿيل خواجا آصف جو راهداري رمانڊ منظور، لاهور منتقل

اسلام آباد (بيورو پورٽ) احتساب عدالت ن ليگي اڳواڻ خواجا آصف جو هڪ ڏينهن وارو راهداري رمانڊ منظور ڪري ورتو آهي. گذريل ڏينهن نيب پاران گرفتار ڪيل ليگي اڳواڻ خواجا آصف کي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾پيش ڪيو ويو، جنهن دوران سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. خواجا آصف جي پيشي جي موقعي تي احسن اقبال ۽ مريم اورنگزيب ۽ ٻي  ٻيا پارٽي اڳواڻ به احتساب عدالت پهتا. ٻڌڻي دوران نيب پاران خواجا آصف جي ٻن ڏينهن واري راهداري رمانڊ جي اپيل ڪئي وئي، احتساب عدالت جي جج محمد بشير هڪ ڏينهن وارو راهداري رمانڊ منظور ڪيو. عدالت خواجا آصف کي اربعا تي ئي لاهور منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اڄ نه ته سڀاڻي لازمي کيس لاهور جي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. ان موقعي تي خواجا آصف پاڻ روسٽرم تي آيو ۽ عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي گرفتاري واري هنڌ جي نشاندهي نه ڪئي وئي آهي. جنهن تي عدالت نيب پراسيڪيوٽر  کي گرائونڊ آف اريسٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ نيب ٽيم خواجا آصف کي عدالت مان وٺي رواني ٿي وئي. خواجه آصف کي گذريل رات نيب لاهور گرفتار ڪيو هو ۽ کيس رات طبي معائنو ڪري نيب راولپنڊي جي آفيس ۾ رکيو ويو هو. پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي خواجه آصف چيو ته ٻن سالن کان ڪيس ڀوڳي رهيو آهيان. پر نوازشريف سان گڏ بيٺل آهيان. مون کي چيو پيو وڃي ته نواز شريف کي ڇڏي ڏيان. اڍائي سالن کان پارٽي کان ٽوڙڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. ٻي پاسي نيب جي ٽيم خواجا آصف کي لاهور منتقل ڪري ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو