عدن (م ڊ) سعودي عرب مان يمن حڪومتي وفد جي واپسي تي ايئرپورٽ تي حملو، وزيرن سميت 26 ڄڻا مارجي ويا،ڪيترائي زخمي ٿي پيا، حڪومتي ميمبر سعودي مان واپس عدن ايئرپورٽ پهتا ته هڪٻئي پويان بم ڌماڪا ٿيا، جڏهن ته شديد فائرنگ پڻ ڪئي وئي، حملي ۾ حڪومتي وزيرن سميت 26 ڄڻا موقعي تي مارجي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو پڻ زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻئي طرف وزيراعظم معين عبدالمالڪ سميت ڪابينا جي ٻين ڪجهه وزيرن کي سيڪيورٽي فورسز حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو، هوڏانهن سعودي عرب جو يمن ۾ سفير محمد سعيد الجبير پڻ ايئرپورٽ تي موجود هو، جنهن کي پڻ محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي، آخري اطلاعن تائين حملي جي ڪنهن گروپ ذميواري قبول نه ڪئي آهي.
