239

خيرپور ۾ گرفتار نوجوان لاڪ اپ اندر تشدد سان قتل، لاش روڊ تي رکي ڌرڻو

خيرپور (رپورٽ: ثناءُ الله ميمڻ) خيرپور ۾ گرفتار نوجوان لاڪ اپ اندر تشدد ڪري قتل، لاش روڊ تي ڌرڻو، نعريبازي، ان سلسلي ۾ اي سيڪشن پوليس چوري جي الزام هيٺ کوکر ڳوٺ مان 28 ورهين جي سرفراز کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو، لاڪ اپ اندر نوجوان تشدد ڪري فوت ٿيو، وڏو منشي عبدالشڪور ناريجو مبينا طور لاش گهر ٻاهران ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو، هوڏانهن واقعي خلاف کوکر برادري جي سوين ماڻهن ۽ مقتول نوجوان جي وارثن ايس ايس پي آفيس آڏو لاش رکي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي شيراز کوکر، سمير، نعيم، نديم، گلزار، مقتول جي ڀيڻ قمر، خير محمد ۽ ٻين دانهيندي چيو ته نوجوان کي رات جو اهلڪارن ٿاڻي تي کڻي وڃي بي انتها تشدد ڪري قتل ڪيو آهي، ظلم جو نوٽيس ورتو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته وڏي منشي سميت تشدد ۾ ملوث اهلڪارن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو