ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ پوري سنڌ ۾ گرين بيلٽ بحال ڪرڻ، سرڪاري زمين، راندين جي ميدانن ۽ پارڪن تان جلد قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي هڪ مهيني اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس قاضي محمد امين احمد تي ٻڌل 3 رڪني بينچ زمينن جي رڪارڊ ۾ جعلسازي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪيترن فلاحي پلاٽن، پارڪن ۽ سرڪاري زمينن تان قبضا ڇڏرايا ويا آهن؟ بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر قاضي شاهد پرويز ٻڌايو ته اسان 7 ڪروڙ فائلن جو ڪمپيوٽرائزڊ رڪارڊ ڪري چڪا آهيون. چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته روز هيرا ڦيري سامهون اچي پئي، مختيارڪار پنهنجي آفيس بدران گهر ۾ ويهي رڪارڊ ٺاهيندا آهن. سينيئر ميمبر قاضي شاهد پرويز ٻڌايو ته ٽريڪنگ ڪوڊ ذريعي 1985ع تائين جو رڪارڊ آن لائين ڏسي سگهجي ٿو، ڪمپيوٽرائيزيشن دوران 2 لک 40 هزار کاتن جو ريڪارڊ نقلي نڪتو. چيف جسٽس چيو ته توهان سپر هاءِ وي تي هليا وڃو اوهان کي قبضا نظر اچي ويندا ته ڪيترين زمينن تي قبضو آهي، سرڪاري زمينن تي غيرقانوني اڏاوتون ڀريل آهن، سڄو شهر آباد ٿي رهيو آهي، يونيورسٽي روڊ تي اڳيان وڃو، سڀ غيرقانوني اڏاوتن سان ڀريل آهي، ملير وڃو ڏسو غيرقانوني ڀتون بيٺل آهن، هڪ نه درجنين 15-15 منزل واريون عمارتون سرڪاري زمينن تي ٺهي ويون آهن. سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ گرين بيلٽ بحال ڪرڻ، سرڪاري زمين، راندين جي ميدانن ۽ پارڪن تان جلد قبضا ختم ڪرڻ ۽ ٻيلن جي زمين تان قبضا ختم ڪرائي انهن تي وڻ پوکڻ جو حڪم ڏيندي هڪ مهيني اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
233