263

نثري نظم جو خوبصورت شاعر پارس حميد هميشه لاءِ وڇڙي ويو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر پارس حميد لاڏاڻو ڪري ويو. پارس حميد گردن ۽ شگر جي بيماري سبب ڄامشورو اسپتال ۾ داخل هو. ذريعن موجب پارس حميد کي ڪورونا وائرس جي تصديق به ٿئي هئي. هو سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر هو، تدفين اڄ بابن شاهه قبرستان جي آو آر ڪالوني ۾ ٿيندي پارس حميد جي وڇوڙي تي سنڌي ادبي سنگت پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آههي، پارس حميد جو اصل نالو حميد الحق قاضي آهي، هن پهرين جنوري 1957ع تي ڳوٺ گاهي خان جلباڻي لڳ خانواهڻ، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. تعليم ايم. اي (ايڪنامڪس: 1983ع)، ۽ ايل. ايل. بي (1985ع) ۾ ڪئي. پارس حميد سٺو شاعر ۽ نثرنگار هو. 1976ع کان سندس شاعري، ادبي مضمون ۽ مقالا، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا ۽ سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”هٿ ترين تي روشن دک“ (2006ع) ۽ ”ديس پرديس“ (ترتيب)، سنڌي ادبي سنگت خانواهڻ پاران 1981ع ۾ ڇپيل آهي. پارس حميد، هن وقت سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (مارڪيٽنگ) آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو