اسلام آباد(م ڊ) حڪومت بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، پيٽرول مهانگو ڪرڻ جون به تياريون ڪيون پيون وڃن، حڪومت فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي هڪ رپيو 6 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽن مطابق نيپرا سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي کي بجلي هڪ رپيو 52 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، درخواست آڪٽوبر ۽ نومبر جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ نومبر لاءِ بجلي جي اگهه ۾ 95 پئسا في يونٽ ۽ آڪٽوبر لاءِ بجلي 57 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي. نيپرا عملدارن مطابق فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ نيپرا ۾ ٻڌڻي مڪمل ٿي ۽ آڪٽوبر ۽ نومبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي هڪ رپيو 6 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. نيپرا عملدارن مطابق آڪٽوبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 29 پئسا في يونٽ ۽ نومبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 77 پئسا مهانگي ڪئي وئي، اضافي کانپوءِ بجلي واهپيدارن تي 8 ارب 40 ڪروڙن جو اضافي بار پوندو، هوڏانهن اوگرا پاران پهرين جنوري کان پيٽرول 2 رپيا 96 پئسا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي تجويز آهي. رپورٽن مطابق پهرين جنوري کان پيٽروليم واريون شيون مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي، ان حوالي سان اوگرا پنهنجي سمري پيٽروليم ڊويزن کي اماڻي ڇڏي آهي، ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان صلاح مشوري کانپوءِ حتمي فيصلو ۽ نئين اگهن جو اعلان ڪندي، پي ٽي آءِ حڪومت ۾ نئين سال جي آمد تي عوام کي مهانگائي جو تحفو ڏنو وڃي ٿو
224