224

ايل او سي تي فائرنگ، پاڪ فوج جو جوان شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ ڀارت جو وڏو نقصان

سيالڪوٽ(م ڊ) ايل او سي تي فائرنگ، پاڪ فوج جو جوان شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ ڀارت جو وڏو نقصان ٿيو، رپورٽ موجب لائين آف ڪنٽرول تي  کوئي رٽا سيڪٽر وٽ ڀارتي فوج سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪندي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو جوان فضل الاهي شهيد ٿي ويو، ڀارتي فوج ڪوٽ ڪوٽيره سيڪٽر وٽ شهري آبادي تي پڻ فائرنگ ڪئي، پالني بازار ۾ هڪ شهري شديد زخمي ٿي پيو، هوڏانهن پاڪ فوج ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي ڀارتي چيڪ پوسٽن کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي فوج جو وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، ٻئي طرف پاڪ فوج هاٽ اسپرنگ سيڪٽر وٽ پاڪستاني حدن جي ڀڃڪڙِي ڪندڙ ڀارتي ڊرون جاسوس ڪيرائي تباهه ڪري  ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو