232

مردم شماري صحيح ناهي ٿي، شاهديون موجود آهن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(م ڊ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته مردم شماري صحيح ناهي ٿي،  شاهديون موجود آهن، فيڊرل بي ايريا انڊسٽريل زون ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ايم ڪيو ايم اسان جو ساٿ ڏئي، ڪابينا ۾ ويٺل مفاد پرستن کي گهر موڪليون، آبادي کانسواءِ پلاننگ نه ٿي سگهي، ان معاملي تي ملاقاتون ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته حددخليون ختم ڪرڻ لوڪل گورنمينٽ جو ڪم آهي، اڳ ۾ متبادل ڏنو وڃي، ڪمرشل حددخلين تي ڪارروائي ڪنداسين، ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، سنڌ حڪومت چائنا ڪٽنگ ٿيڻ نه ڏيندي، اسان پنهنجي اعتراض موڪلي ڇڏيا آهن، شعور آهي ۽ آئين سان محبت آهي ته پنهنجو آرڊيننس واپس وٺو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو