145

گهريلو صارفين کي رليف، صنعتن کي بنا رنڊڪ ۽ سستي بجلي فراهم ڪئي وڃي: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته گهريلو صارفين لاءِ رليف ۽ صنعتن کي بنا رنڊڪ ۽ سستي بجلي جي فراهمي کي حڪومتي ترجيحن ۾ سرفهرست رکيو وڃي ۽ توانائي جي شعبي ۾ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ڊگهي مدي وارا سڌارا آندا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ توانائي شعبي جي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن عمر ايوب، مخدوم خسرو بختيار، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، حماد اظهر، خاص مددگارن تابش گوهر، نديم بابر، وقار مسعود ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي توانائي جي شعبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، بجلي جي پيداوار ۽ پهچ جي بهتري ۽ انرجي مڪس کي بهتر ۽ ماحول دوست بڻائڻ سان گڏوگڏ سستي بجلي ٺاهڻ جي تجويز ڪيل منصوبن تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ان کانسواءِ جاري منصوبن تي اڳڀرائي بابت به اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي گذريل حڪومتن پاران ڪيل معاهدن ۽ انهن جي معيشت ۽ عام ماڻهن تي منفي اثرن کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي وبا جي باوجود صنعت ۽ عام ماڻهو جي رليف لاءِ کنيل قدمن بابت ٻڌايو ويو. وزيراعظم توانائي شعبي جي سڌارن تي اطمينان جو اظهار ڪندي گهريلو صارفين جي رليف ۽ صنعتن کي بنا رنڊڪ ۽ سستي بجلي جي فراهمي کي حڪومت جي ترجيحن ۾ سرفهرست رکڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم سڌارن کي پائيدار ۽ انهن ۾ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکڻ تي به زور ڏنو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو