لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي دڙي ٿاڻي جي پوليس گهر مان 2 سئو روپيا چوري ڪرڻ جي الزام ۾ 13 ورهين جي نينگر نويد وڪو کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، پوليس موجب مراد واهڻ جي رهواسي صفيع الله پيرزادو جي شڪايت تي سندس گهر ۾ ملازمت ڪندڙ نينگر کي ٿاڻي تي ويهاريو آهي، گهر ۾ ڪم ڪندڙ 13 سالا نينگر کي چوري الزام هيٺ گرفتار ڪرايو آهي. نينگر ٻڌايو ته مان غريب آهيان والد مزدوري ڪندو آهي، گذريل 2 مهينن کان 3 هزار مهيني تي انجنيئر صفيع ﷲ پيرزادي جي گهر ڪم ڪندو هئس، گھر مالڪ مون تي بيگناھه 200 روپين جي چوري جو الزام هڻي ٿاڻي تي وٺي آيو آهي.مان غريب ضرور آهيان پر چور ناهيان خدارا مون کي آزاد ڪيو وڃي. ٻئي طرف چائلڊ رائيٽس ايڊووڪيسي نيٽ ورڪ جي ڪوآرڊينيٽر سيد جاويد شاهه، نثار احمد مغيري، قادر بخش ڪمانگر، انيلا سومرو ۽ ٻين احتجاج ڪندي ايس ايس پي کان گهر ڪئي آهي ته انجنيئر خلاف چائلڊ ليبر ائڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هن چائلڊ ليبر قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي ۽ بيگناهه ٻار تي ڪوڙو الزام هڻي تشدد جو نشانو بڻايو آهي.دڙي پوليس جي ايس ايڇ او خلاف جونائل جسٽس سسٽم آرڊيننس قانون تحت ڪارروائي ڪري ٻار کي گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ ويهارڻ تي ڪيس داخل ڪري معطل ڪيو وڃي. ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي معاملو وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش واقعي جو نوٽيس ورتو، جنهن بعد پوليس نينگر کي آزاد ڪري ڇڏيو.
258