230

نوشهره ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ خالد خان ٻن پٽن ۽ محافظ سوڌو قتل

نوشهره (ويب ڊيسڪ) نوشهره ڪينٽ جي علائقي حڪيم آباد ڍيري ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ خالد خان کي ٻن پٽن ۽ سيڪيورٽي گارڊ سوڌو قتل ڪري ڇڏيو آهي. حڪيم آباد جي ٽي روڊ تي قائم سي اين جي اسٽيشن جو مالڪ ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ ملڪ خالد خان پنهنجي ٻن پٽن نويد خالد، ياسر خالد ۽ سيڪيورٽي گارڊ خالد سان گڏ گاڏي ۾ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ بيٺل هٿياربندن گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ چار ئي ٿڏي تي قتل ٿي ويا، واقعي کانپوءِ هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، پوليس مطابق واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، ملوث جوابدارن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪبو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو