اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪونسل پرائيويٽ اسڪولز جي نمائندن هر صورت ۾ پرائيويٽ اسڪول 11 جنوري تي کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرائيويٽ اسڪولز سپريم ڪونسل ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن. تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرم ۽ پيرا جي چيئرپرسن حڪومت جي نمائندگي ڪئي، جڏهن ته سپريم ڪونسل جي وفد ۾ افضل بابر، حافظ بشارت، ابرار خان ۽ ناصر محمود شريڪ هئا. ان موقعي تي سپريم ڪونسل پرائيويٽ اسڪولز جي نمائندن موقف اختيار ڪيو ته پرائيويٽ اسڪول 11 جنوري تي کولڻ وارو اسان جو گڏيل فيصلو آهي، حڪومت اسان جي پريشاني سمجهي ۽ ان جي حل لاءِ قدم کڻي. ان موقعي تي تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ هو ته گرمين جون موڪلون هن سال گهٽ ٿينديون، حتمي منظوري اين سي او سي ڏيندي، جڏهن ته مارچ ۾ ٿيندڙ امتحان ملتوي ٿيندا، جڏهن ته اسڪول کولڻ جو حتمي فيصلو 4 جنوري تي ٿيندڙ اين سي او سي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو.
227