167

ڪرڪ ۾ مندر ڊاهڻ جي الزام هيٺ مک جوابدار سوڌو 35 ڄڻا گرفتار، جاچ هلندڙ

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور پوليس ڪرڪ مندر کي ڊاهڻ جي الزام هيٺ مک جوابدار سوڌو 35 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. آءِ جي خيبرپختونخواهه ثناءُ الله عباسي ڪرڪ ۾ متاثر مندر جو دورو ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته ڪرڪ واقعي جي مک جوابدار مولوي شفيق سميت 35 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ هلندڙ آهي، اقليتن کي مڪمل تحفظ ڏنو ويندو ۽ ملوث جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو