165

”نئين سال جو تحفو“ پيٽرول 2 رپيا 31 پئسا ۽ ڊيزل رپيو 80 پئسا لٽر مهانگو، ايل پي جي اگهه ۾ 15 رپيا في ڪلو واڌ، نوان اگهه اڄ پهرين جنوري کان لاڳو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ملڪ جي عوام کي نئين سال جو تحفو ڏيندي  پيٽرول 2 رپيا 31 پئسا لٽر ۽ ايل پي جي 15 رپيا 88 پئسافي ڪلو مهانگي ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ تيل جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جيڪي اڄ پهرين جنوري کان لاڳو ٿي ويا آهن.  ان سلسلي ۾ وزيراعظم هائوس مان جاري ٿيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اوگرا پيٽرول جي اگهه ۾ 10 روپيا 68 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 8 روپيا 37 پئسا، لائٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 14 روپيا 87 پئسا ۽ گاسليٽ جي اگهه ۾ 10 روپيا 92 پئسا واڌ ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي پر وزيراعظم عمران خان عوام کي تيل جي اگهن ۾ريليف ڏيڻ لاءِ اوگرا جي سفارش ڪيل اگهن جي ڀيٽ ۾ گهٽ اگهن جي منظوري ڏني آهي. جنهن موجب پيٽرول جي اگهه ۾  2 روپيا 31 پئسا لٽر،  هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ هڪ روپيو  80 پئسا، لائٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 3 روپيا 95 پئسا ۽ گاسليٽ جي اگهه ۾ 3 روپيا 36 پئسا في لٽر تي واڌ ڪئي وئي آهي.  جنهن کان پوءِ  پيٽرول جو اگهه 103 روپيا 61 پئسن مان وڌي 106 روپيا ٿي ويو، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 108 روپيا 44 پئسن مان وڌي 110 روپيا 24 پئسا ٿي ويو، لائٽ ڊيزل جو اگهه 67 روپيا 86 پئسن مان وڌي 71 روپيا 81 پئسا ۽ گاسليٽ جو اگهه 70 روپيا  29 پئسن مان وڌي 74 روپيا 65 پئسا ٿي ويو آهي.   پيٽروليم جي نون اگهن تي رات 12 وڳي کان عمل شروع ٿي ويو، نوان اگهه لاڳو ٿيڻ کان اڳ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين پيٽرول پمپن تي تيل جو وڪرو بند رهيو جيڪو رات 12 وڳي وڌيل اگهن سان ئي شروع ڪيو ويو. ٻي پاسي وفاقي حڪومت ايل پي جي پڻ 15 روپيا 88 پئسافي ڪلو مهانگي ڪري ڇڏي آهي. جنهن کان پوءِ   ايل پي جي جو اگهه 132 روپين مان وڌي 147 روپيا ٿي ويو آهي. ايل پي جي  جي گهريلو سلينڊر جي اگهه ۾ 180 روپين جي واڌ ٿي آهي، جنهن کان پوءِ  ان جو اگهه 1553 مان وڌي 1733 روپين تائين پهچي ويو، جڏهن ته ڪمرشل سلينڊر جي اگهه ۾ 692  روپين جي واڌ ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو