156

سنڌ کي وسيلا ملڻ ۾ وفاق جي رڪاوٽن باوجود ترقيءَ جو عمل جاري آهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو  چيو آهي ته سنڌ کي وسيلا ملڻ ۾ وفاق جي رڪاوٽن باوجود ترقيءَ جو عمل جاري آهي. اهڙو اظهار ساڻس ملاقات ڪندڙ  صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، شرجيل ميمڻ ۽ ڄام مهتاب ڏهر  سان ڳالهائيندي ڪيو.  جن کيس ملاقات دوران صوبائي وزير ۽ پ پ اڳواڻن پارٽي چيئرمين کي علائقي جي سياسي ۽ عوامي ڀلائي جي معاملن بابت سُڌ پڻ ڏني. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪردگيءَ جي ڪري ئي عوام جيالن کي پنهنجو مينڊيٽ ڏنو. پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ ئي اسان جي سياست آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو