ڄامشورو (رپورٽ: حاڪم چانڊيو) سنڌ يونيورسٽي انتظاميه سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن جي اڳواڻن کي بليڪ ميلر ۽ يونيورسٽي دشمن قرار ڏيندي چيو آهي ته سوٽا اڳواڻن پنهنجن ذاتي مفادن جي پورائو لاءِ هميشه وائيس چانسيلرن تي دٻاءُ وڌو ۽ پنهنجا من پسند فيصلا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، سندن بليڪ ميلنگ ۾ نه اچڻ تي هنن پنهنجي پر ۾ موقعو ڏسي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت تي الزامن جي بوڇاڙ ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪابه حقيقت ناهي، عرفانه ملاح ايتري پراپرٽي ۽ مهانگيون گاڏيون ڪٿان آنديون، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. ڊاڪٽر برفت جي ڪا به ڳجهي ايجنڊا ناهي، هن يونيورسٽي کي ماءُ سمجهي ان جي خدمت ڪئي، اڳوڻن وي سيز مظهر صديقي، ڊاڪٽر نذير مغل سميت سڀني پلاٽ حاصل ڪيا ته اتي سوٽا ڇو خاموش هئي. ڊاڪٽر مغل جي دور ۾ ڄامشورو جي ان وقت جي ڊي سي آغا سهيل پٺاڻ، گورنر جي پرنسيپال سيڪريٽري، پرسنل سيڪريٽري، سيڪشن آفيسرن ۽ ٻين ڪيترن ئي غيرلاڳاپيل ماڻهن کي پلاٽ ملڻ تي عرفانه ملاح، نيڪ محمد شيخ ۽ سوٽا جي ٻين نام نهاد اڳواڻن جي چپن تي تالا ڇو لڳل هئا؟ سوٽا سنڌ يونيورسٽي کي هميشه تعليمي، تحقيقي ۽ مالي نقصان رسايو ۽ پنهنجا ڀڀ ڀريا، استادن جي اڪثريت اهڙن مفاد پرست نام نهاد اڳواڻن کي يونيورسٽي جي بهتريءَ ۾ رد ڪري نه ته يونيورسٽيءَ جو الله ئي حافظ هوندو. اهڙو اظهار ڪالهه هتي سوٽا اڳواڻن جي غيراخلاقي الزامن جي جواب ۾ يونيورسٽي انتظاميه وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي منظوري سان جاري ڪيل پنهنجي هڪ پريس بيان ۾ ڪيو. بيان ۾ چيو ويو ته سوٽا وارا سمجهن ٿا، ته وي سي ڊاڪٽر برفت وڃڻ وارو آهي ۽ هنن پنهنجي پر ۾ موقعي مان ڀرپور فائدو وٺندي سندس خلاف نوڪريون ڏيڻ سميت مختلف الزام مڙهيا، پر کين ياد رکڻ گهرجي ته ڊاڪٽر فتح محمد برفت ڪاڏي به ڪو نه ٿو وڃي ۽ هو پنهنجو مدو پورو ڪندو ۽ آخري ڏينهن تائين يونيورسٽي ڪوڊ موجب پنهنجن اختيارن کي استعمال ڪندو رهندو. بيان موجب داڪٽر برفت کي ڪنهن به پلاٽ ۾ ڪا دلچسپي ناهي، يونيورسٽي انتظاميه چيو ته پاڻ کي ليڊر سمجهندڙ عرفانه ملاح ۽ نيڪ محمد شيخ جي ڪهڙي حاصلات آهي، هنن هر دور ۾ بليڪ ميلنگ ڪري پنهنجا ڀڀ ڀرڻ کانسواءِ ٻيو ڪيو ڇا آهي؟ انتظاميه موجب عرفانه ملاح ڊاڪٽر نظير مغل جي دور ۾ پلاٽ ملڻ دوران مظهر صديقي، ان وقت جي ڄامشورو جي ڊي سي آغا سهيل، گورنر هائوس جي پرنسيپال سيڪريٽري سميت تقريبن سمورن آفيسرن ۽ ٻين غيرلاڳاپيل ماڻهن کي پلاٽ ملڻ دوران صرف ان لاءِ خاموش هئي ته کيس به ٽن چئن پلاٽن سميت ٻيا مالي فائدا مليا هئا. بيان موجب ڊاڪٽر عرفانه ميرٽ جو قتل عام ڪرائيندي اثر رسوخ استعمال ڪندي پنهنجي 53 سالن جي ڀيڻ ريحانه ملاح کي سڌيءَ ريت 19هين گريڊ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪرايو، جنهن سان ٻين اهل اميدوارن جي حق تلفي ٿي. بيان موجب سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ اسڪيم وارو معاملو عدالت ۾ وڃڻ سان ڊاڪٽر عرفانه ملاح جو ڄڻ ته ڀاڳ کليو ۽ هن وڪيلن جي نالي تي اسڪيم جي پئسن مان 25 لک ڳڙڪايا، جنهن جو کائنس ڪو حساب ئي نه ورتو ويو، کيس پنهنجن ذاتي مفادن کان اڳتي ڪا شيءِ نظر نٿي اچي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته گذريل وائيس چانسيلرن پنهنجن زالن، ڌيئرن، پٽن ۽ ٻين مٽن مائٽن کي ڪيتريون ئي نوڪريون ڏنيون، جيڪو سڀ رڪارڊ تي موجود آهي، جڏهن ته موجوده وائيس چانسيلر پنهنجي هڪ به مائٽ کي پٽيوالي جي نوڪري به ناهي ڏني، هڪ وائيس چانسيلر خلاف غيرقانوني ۽ غيراخلاقي ٻولي استعمال ڪرڻ، اخبارن ۾ بيان جاري ڪرڻ ۽ يونيورسٽي خلاف خبرون لڳائڻ تي سوٽا اڳواڻ محڪماتي ڪارروائي لاءِ تيار ٿين، غلط بيانين تي کين بخش نه ڪيو ويندو. بيان موجب داخلائون دير سان ٿيڻ ڪري يونيورسٽي کي گهربل مالي ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ وقت لڳندو، جنهن جا ذميوار به يونيورسٽي ۾ مافيا جو روپ ڌاري ويل سوٽا جا اڳواڻ آهن. بيان موجب اضافي فنڊ ايندي ئي سمورن ملازمن کي انڪريمينٽ ڏني ويندي. وائيس چانسيلر ڊاڪٽر برفت وڌيڪ چيو ته جاچ ٿيڻ گهرجي ته عرفانه ملاح جي ڪمائي جا ڪهڙا ذريعا آهن جو وٽس لينڊ ڪروزر، ڪرولا، سوڪ ۽ ٻيون مهانگيون ڪارون ۽ بيشمار جائداد آهن، سندس والد صاحب ته پرائمري استاد ۽ مڊل ڪلاس ڪٽنب سان تعلق رکندڙ هو. بيان موجب پي ايڇ ڊي هئڻ باوجود ڇا عرفانه ملاح، نيڪ محمد شيخ يا ٻيو ڪو سوٽا جو نام نهاد اڳواڻ ٻڌائيندو ته هنن ڪيترا پي ايڇ ڊي پيدا ڪيا؟ هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسئيشن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سال جي انڪريمينٽ کانسواءِ پگھار جاري ڪرڻ جي پرزور مذمت ڪري ٿي. سوٽا مطابق ھڪ طرف ته ادارو ايتري انتظامي بحران جو شڪار آھي، جو پگھارون ۽ پينشن ڏيڻ کان به لاچار آھي ته ٻي طرف ويندي ويندي ڊاڪٽر برفت مال غنيمت وانگر نوڪريون ورھائي پھنجي من پسند ماڻھن کي سڌو پڪو ڪري رھيو آھي. اطلاع آھن ته 50 کان وڌيڪ پھنجي دور ۾ رکيل سفارشي ڪانٽريڪٽي ملازمن کي نوڪرين ۾ پڪو ڪيو ويو آھي. جڏھن تي سي ايم هائوس پاران مقررين تي پابندي آھي، اها اداري سان دشمني آهي. سوٽا وڏي وزير ۽ سينڊيڪيٽ کان گھر ڪري ٿي آخري ڏينھن اندر جاري ڪيل غير قانوني مقرريون رد ڪيون وڃن . سوٽا آھيو اهو پڻ مطالبو ڪري ٿي ته ڊاڪٽر برفت سينڊيڪيٽ زريعي يونيورسٽيءَ ۾ پلاٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ سوٽا سينڊيڪيٽ جي سمورن ميمبرن کي درخواست ڪري ٿي ڊاڪٽر برفت پاران ذاتي پلاٽ لاءِ سڏايل سينڊيڪيٽ اجلاس ۾ شرڪت کان پاسو ڪيو وڃي، جئين کيس اداري جي مستقبل تي اثرانداز ٿيندڙ فيصلن کا روڪي سگھجي، هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن جي تنظيم سيوا طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي انتظامي بلاڪ جي مک گيٽ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن محمد علي گهانگهرو، ذوالفقار رستماڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ايندڙ سينڊيڪٽ ۾ ملازمن جا مسئلا نه رکيا ويا آهن، سالياني انڪريمينٽ، 10 سيڪڙو پگهارن ۾ اضافو نه ڪيو ويو آهي، مسلسل احتجاج ڪندا رهيا آهيون پر يونيورسٽي انتظاميا ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ غير سنجيده آهي، اسان ننڍا ملازم پنھنجا حق گهري رهيا آهيون انتظاميا جلد مسئلا حل ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري. ملازم تنظيم جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ 2 جنوري تي ٿيندڙ سينڊيڪٽ اجلاس ۾ يونيورسٽي جي ملازمن جا مسئلا رکيا وڃن ته جئين ملازمن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ٿي سگهي. احتجاج دوران رجسٽرار امير علي ابڙو پاران خاطري ڪرائڻ کانپوءِ ملازمن احتجاج ختم ڪيو ۽ چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن مطالبو پورو نه ڪيو ويو ته ٻيهر احتجاج ڪيو ويندو.
