خانواهڻ (ويب ڊيسڪ) خانواهڻ ۾ جوابدار ويڳي ماءُ، پيءُ ۽ ڀيڻ کي ڪهي قتل ڪري ڇڏيو فرار ٿي ويو آهي. رپورٽن مطابق ڳوٺ محمد عالم گوندل ۾ جوابدار ڌڻي بخش گوندل زمين ڦٻائڻ لاءِ پنهنجي پيءُ احمد علي گوندل، ويڳي ماءُ سڪينه ۽ سندس ڌيءُ شڪيلا گوندل کي ڪهي قتل ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي ٽنهي مقتولن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جيڪي ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا آهن. پوليس مطابق جوابدر ڌڻي بخش گوندل 2 ايڪڙ زمين لکي ڏيڻ کان انڪار تي پنهنجي پيءُ، ويڳي ماءُ ۽ ڀيڻ کي قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.
228