پيرڳوٺ (ويب ڊيسڪ) پير ڳوٺ ڀرسان هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. پير ڳوٺ ڀرسان ڳوٺ حاجي مهرل ناريجو ۾ هٿياربندن علي حسن ناريجو ۽ مولابخش ناريجو کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس پهچي مقتولن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا. مقتولن جي وارثن مطابق ڀٽا ۽ اوڍا برادري جي 200 کان وڌيڪ هٿياربندن پراڻي تڪرار تان ڳوٺ تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪري اسان جي ٻن نوجوانن کي قتل ڪيو آهي، پوليس جوابدار ڌر جي ونگار وهي رهي آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
228