200

وزيراعظم پاران نئين سال جي ٻن هدفن جو اعلان، صحت جون مفت سهولتون ڏبيون، ڪوبه بک تي نه سمهندو: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان نئين سال ۾ 5 هدف مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ۾ صحت جون مفت سهولتون ۽ ڪوبه بکيو نه سمهي وارو پروگرام شامل آهي. پاڪستان ۾متعارف ٿيندڙ گاڏين جي اسلام آباد ۾ ٿيل افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته منهنجا نئين سال 2021ع لاءِ 2 هدف آهن،جنهن مان هڪ يونيورسل هيلٿ ڪوريج پروگرام آهي، جيڪو گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخواهه لاءِ هوندو، هر ڪٽنب وٽ هيلٿ انشورنس هوندي، شهري ڪنهن به اسپتال ۾ وڃي هيلٿ ڪارڊ ڏيکاري پنهنجو علاج ڪرائي سگهندو، اهو تمام وڏو چئلينج آهي ۽ هن ريت جو پروگرام امير ملڪن ۾ به ناهي. عمران خان ٻڌايو ته ٻيو پروگرام ڪوبه پاڪستان ۾ بک تي نه سمهي آهي، هن ۾ پوري قوم ۽ ملڪ شامل هوندو، آءِ ٽي جو استعمال ڪندي ان علائقن جي نشاندهي ڪنداسين جتي بک تمام گهڻي آهي، فلاحي ادارن سان گڏجي احساس پروگرام ذريعي ڄاڻايل نئون پروگرام لانچ ڪندس ته جيئن سال جي آخر تائين پاڪستان اهو ملڪ بڻجي وڃي جتي ڪوبه شهري بک تي نه سمهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت جو پهريون سال معيشت جي بحاليءَ ۾ لڳو، ٻئي سال بدقسمتيءَ سان ڪورونا اچي ويو، جنهن ۾ به اسان جي حڪمت عملي ڪامياب رهي، اسان ماڻهن کي بکن کان بچايو.سال 2021ع ترقي جو سال آهي، پاڪستان مثبت رخ ڏانهن وڃي رهيو آهي، ڪاروبار دوست پاليسي جوڙي صنعتن کي ترقي ڏيارينداسين، اسان هر قسم جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي ۾ زراعت به شامل آهي، پاڪستان کي وڌيڪ ترقي ڪرڻي آهي ته چين بهترين اتحادي آهي، چين گهٽ عرصي ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، ان مان اسان گهڻو ڪجهه سکي سگهون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو