215

ڄامشورو ۾ ايس يو پي پاران سنڌ سڀا جي قافلي تي پوليس چڙهائي ۽ گرفتارين خلاف احتجاجي مظاهرو

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ سڀا جي قافلي تي پوليس چڙهائي ۽ گرفتارين خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي ڄامشورو ۾ به  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ايس يو پي پاران پير بخش سهارڻ، ديدار چانڊيو ۽ ساگر جمن بڙدي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهر جي مک چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو  ويو. مظاهري ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اوٻاوڙو ۾ سنڌ سڀا جي قافلي تي پوليس چڙهائي، گرفتارين ۽ نياڻين جي تذليل جي جيتري به مذمت ڪجي سا گهٽ آهي، گرفتار ڪيل سنڌسڀا جي پانڌيئڙن کي ترت آزاد ڪيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ کي معاملي جو نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو