پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان ڪرڪ جي علائقي ٽيري ۾ ساڙيل مندر جي ٻيهر اڏاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته صوبائي حڪومت مندر جي ٻيهر اڏاوت لاءِ ترت ڪم شروع ڪرائيندي، جنهن لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. هن چيو ته اقليتن جي تحفظ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه هوندي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.
206