161

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران شهري کي بازياب نه ڪرائڻ تي لاڳاپيل عملدارن مٿان هڪ ڪروڙ ڏنڊ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 6 سال اڳ اغوا ٿيندڙ شهري غلام قادر کي بازياب نه ڪرائڻ تي عدالتي تاريخ جو وڏو ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهري غلام قادر کي بازياب نه ڪرائڻ جو ذميوار رياستي مشينري کي قرار ڏيندي  گهرو سيڪريٽري، بچاءَ واري سيڪريٽري، ايس پي انويسٽيگيشن ۽ ايس ايڇ او گولڙه تي هڪ ڪروڙ جو ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي. جٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل شهري غلام قادر جي ڀاءُ جي درخواست تي فيصلو  جاري ڪندي چيو آهي ته 30 ڏينهن اندر شهري بازياب نه ٿيو ته سمورن ذميوارن خلاف کاتيوار ڪارروائي به ٿيندي، شهري جي بازيابي لاءِ پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو