لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جو مشهور هپ هاپ اسٽار ڊينيل ڊومائل عرف ايم ايف ڊوم 49 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. راڳي جي گهر واري سوشل ميڊيا تي سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪئي آهي. پنهنجي مڙس جي نالي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل ۾ سندس چوڻ هو ته بهترين مڙس، پيءُ، استاد، شاگرد، بزنس پارٽنر، محبوب ۽ دوست، توهان جيڪو ڪجهه مون کي، ٻارڙن کي ۽ اسان جي ڪٽنب کي سيکاريو ان لاءِ مان اوهان جي ٿورائتي آهيان. راڳي ۽ موسيقار ڊينيل ڊومائل لنڊن ۾ پيدا ٿيو، هو مارول ڪومڪس سپرولن ڊاڪٽر ڊوم کان متاثر ٿي منهن تي ماسڪ پائي ڳائڻ جي حوالي سان مشهور هو.
