ليکڪ: سجاد علي لغاري
ڪورونا وائرس
هي عالمي وبا ته 2019 جي آخر ۾ چين جي شهر ووهان ۾ ظاهر ٿي پر هن جو بدترين دور 2020 ئي رهيو، پورو سال دنيا هڪ اهڙي خوف ۾ ورتل رهي جنهن جي پڄاڻي نه هئي، غير يقيني واري هن صورتحال ۾ ايٽمي هٿيار رکندڙ قومون به ڏڪي ويون، آمريڪا کان ويندي يورپ ۽ ايشيا کان آفريڪا تائين سموري دنيا مڪمل طور تي بند ٿي وئي. هن وبا کي منهن ڏين لاءِ ڪروڙين اربين ماڻهن کي گهرن ۾ بند ڪري ٻاهر اچڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، سمورن ملڪن هڪٻئي سان واپار کان ويندي سفر تائين بند ڪري ڇڏيو، لکين ماڻهون جيڪي پڙهڻ، روزگار ۽ ٻين ڪمن لاءِ هڪ کان ٻي ملڪ ويل هئا اهي اتي لاڪ ٿي ويا. ڪرونا جي وبا 2020 کي اهڙو ته يادگار بڻايو آهي جنهن کي نه چاهيندي به جيستائين دنيا قائم رهندي ان کي ياد رکيو ويندو. هونئن ته هر سال ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان يادگار ئي هوندو آهي، ڇو ته زندگي هر منٽ، هر ڏينهن، هر مهيني، هر سال روان دوان رهي ٿي، ان ڪري خوش ۽ خراب واقعن جو ٿيڻ ائين آهي جيئن رات کانپوءِ صبح جو نروار ٿيڻ، هر سال ڪن واقعن ۽ حادثن جي ڪري يادگار هوندو آهي، پر 2020 کي صدي جي خوفناڪ ترين سال طور ئي ياد ڪيو ويندو. هن وبا ۾ تقريبن سموري دنيا لوڙيو آهي، پر خاص طور آمريڪا جنهن جي هن وقت تائين اڍائي لک کان وڌيڪ آبادي وبا جو شڪار ٿي چڪي آهي، ڪروڙين ماڻهون هن مرض ۾ مبتلا آهن، اٽلي جتي ۾ روز ڪرندڙ لاشن جو انگ ڏسي دنيا ۾ دهشت ۽ خوف ڇائنجي ويو هو، ڇو جو روز مرندڙ ماڻهن جو انگ 3 هزار تائين پهچي ويو هو، اهو دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ مرندڙ ماڻهن جي انگ کان تمام وڏو هو. ڪعبو جيڪو سموري مسلم دنيا لاءِ هڪ اهڙي حيثيت رکي ٿو جنهن جا دروازا بند ٿيڻ ڪوبه مسلمان نه چاهيندو آهي، جتي 24 ڪلاڪ ۽ سال جا 12 ئي مهينا عبادت هلندي آهي، ڪرونا وبا سبب سعودي حڪومت ڪعبته الله کي پڻ بند ڪري عمري تي ئي پابندي هڻي ڇڏي هئي، جڏهن ته حج کي پڻ محدود رکيو ويو هو. پاڪستان ۾ به ساڳي ئي صورتحال هئي، وڏين وڏين درگاهن کان ويندي هر ان هنڌ کي بند ڪيو ويو جتي ڪي چند ماڻهون گڏ ٿي سگهن، شروع وارن مهينن مارچ ۽ اپريل ۾ ته ايترو سخت لاڪ ڊائون رهيو جو ڪراچي کان اسلام آباد تائين سمورا ننڍا وڏا شهر مڪمل طور تي بند رهيا، هزارين لکين ماڻهون هڪئي هنڌ قيد ٿي رهجي ويا، سفر جو اهم ذريعو ريل گاڏيون، بسون ۽ ٻي ٽرانسپورٽ مڪمل طور تي بند رهي. تعليم جنهن کي ترقي لاءِ واحد ذريعو سمجهيو ويندو آهي، جنهن جي ذريعي انسان ميڊيڪل سائنس ۾ترقي ڪري اڄ خطرناڪ بيمارين تي ضابطو آندو آهي، انهن ئي ادارن کي بند ڪري ٻارن کي گهرن تائين محدود ڪيو ويو. پرائمري اسڪول کان ويندي يونيورسٽين تائين درسگاهون بند رهيون، ڪرونا سبب پاڪستان جي معيشت کي اهڙو ته ڌڪ لڳو جو مهانگائي ڊبل ڊجٽ يعني 12 سيڪڙو تائين پهچي وئي، سموري دنيا جي منڊين ۾ ٻاڙائي رهي، ملڪن جون معيشتون اهڙيون ته ويهي ويون جو دنيا جي وڏي معاشي ادارن کي انهن ملڪن جي معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 50 ارب ڊالر مختص ڪرڻا پيا.
آمريڪا-طالبان امن ڳالهيون
11 سيپٽمبر 2001 تي آمريڪا ۾ ٽريڊ سينٽر ۽ پينٽاگون تي ٿيل حملي دنيا جي تاريخ ئي تبديل ڪري ڇڏي، هڪ اهڙي جنگ جنهن لکين انسانن کي موت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو، آمريڪا ۽ افغان طالبان جي ويڙهه به دنيا جي نه وسرندڙ واقعن مان هڪ آهي. 2020 سال جتي تباهيون آنديون اتي ڪجهه خوشي واريون خبرون به پڙهڻ ۽ ڏسڻ لاءِ مليون، ايڏ وڏي وقت تائين هلندڙ هن جنگ جو خاتمو 2020 ۾ ٿيو، آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ قطر جي گادي واري هنڌ دوها ۾ 29 فيبروري 2020 تي امن ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ ٻئي ڌريون جنگ بندي تي راضي ٿي ويون، آمريڪا طالبان جا سمورا مطالبا منظور ڪيا جنهن ۾ طالبان جا اهڙا ساٿي جيڪي آمريڪا جي بدنام زمانه جيلن ۾ قيد آهن، جن تي آمريڪي ۽ نيٽو فوجين جي قتل جا الزا آهن، انهن کي آزاد ڪري ڇڏيو. افغانستان حڪومت پڻ 5 هزار کان وڌيڪ طالبان قيدين کي آزاد ڪيو، نتيجي ۾ طالبان آمريڪا ۽ نيٽو جي کنڀيل فوجين سميت انساني حقن جي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو آهي. معاهدي تحت آمريڪا ڪجهه سئو ڇڏي ڪري باقي سمورا فوجي افغان سرزمين تان ڪڍي رهيو آهي. آمريڪا جا هن جنگ تي کربين ڊالر خرچ اچي چڪو آهي ۽ هزارين فوجين جي جانين جي قرباني ڏيڻي پئي، هن جنگ پاڪستان تي به نه وسرندڙ اسر ڇڏيا آهن، جنهن ۾ اسان جا بيگناهه لکين ماڻهو مارجي ويا.
عرب اسرائيل امن ڳاليهون
عرب ملڪ ۽ اسرائيل به وڏي وقت کان هڪٻئي جا دشمن رهيا آهن، 1948 ۾ جڏهن اسرائيل وجود ۾ آيو هو، ان ڏينهن کان وٺي سموري مسلم دنيا ان کي فلسطين جي سرزمين تي قبضو قرار ڏيندي ان کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، ان سموري معاملن جي اڳواڻي عرب دنيا جا طاقتور ملڪ ڪري رهيا هئا. اهو اسرائيل ئي هو، جنهن ڪري سمورن عربن کي گڏيل طور هڪ تنظيم عرب ليگ ٺاهڻي پئي ته جيئن هن کي منهن ڏئي سگهجي. جڏهن عرب ليگ ڪمزور ٿي ته وري سموري مسلمان ملڪن کي گڏائي آرگنائيزيشن فار مسلم ڪو آپريشن (او آءِ سي) ٺاهي وئي. عربن گڏيل طور تي اسرائيل سان 3 جنگيون وڙهيون آهن، هي ٻئي ڌريون هڪٻئي کي ڪٽر دشمن سمجهنديون هيون پر سال 2020 اهڙو ته تاريخي سال ثابت ٿيو جنهن مني صدي تائين هلندڙ هن تڪرار جي برف پگهاري ڇڏي. عرب ليگ جي اهم ملڪ گڏيل عرب اماراتن ان کي تسليم ڪري ٻين ملڪن لاءِ راهه هموار ڪري ڇڏي آهي. هاڻي ته سعودي شهزادي ۽ اسرائيلي وزيراعظم جي وچ ۾ ملاقات جون خبرون پڻ گردش ڪري رهيون آهن. 2020 سال عرب-اسرائيل تعلقاتن جي حوالي سان به يادگار رهندو.
چين ۽ انڊيا ۾ جهڙپون
چين ۽ انڊيا هڪ سال جي وٿي سان تقريبن گڏ ئي آزاد ٿيا آهن، هڪڙي ملڪ انگريزن ۽ ٻئي وري انقلاب آڻي سرمائيداري نظام ۽ اتان جي بادشاهن کان آزادي ورتي، ٻنهي ملڪن جي وجود ۾ اچڻ کان اڄ تائين سرحد جا ڪجهه اهڙا معاملا هئا جيڪي حل نه ٿي سگهيا هئا، چين ۽ انڊيا ان حوالي سان 1962 ۾ جنگ به وڙهي آهي، جنهن ۾ انڊيا کي شرمناڪ شڪست ٿي، نتيجي ۾ سندس ڪيترن ئي علائقن تي چين پنهنجو ڪنٽرول سنڀالي ورتو، جيڪي اڄ تائين چين جي انتظام هيٺ آهن. 1962 کان پوءِ انڊيا ۽ چين ۾ تقريبن امن ئي رهيو، ڪابه اهڙي جهڙپ نه ٿي هئي جنهن ۾ ڪنهن به ڌر جا فوجي مارجي ويا هجن. 2020 اهڙو سال رهيو جنهن ۾ چين هڪ ڀيرو وري انڊيا کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا. لائين آف ايڪچوئل ڪنٽرول جتي عالمي معاهدي تحت ٻنهي ملڪن جا فوجي هٿيار نٿا کڻي سگهن، انڊيا جي ڪشمير ۾ هٿ چراند کانپوءِ هن سرحد تي ٻنهي ملڪن جي فوجين ۾ ڇڪتاڻ هلندي رهي، 5 مئي 2020ع تي چين پٿر، لوهي سريئا ۽ ٺونشا هڻي انڊيا جا هڪئي وقت 20 فوجي ماري ڇڏيا، انڊيا چين جي مقابلي ۾ ڪمزور هئڻ سبب ايڏي وڏي واقعي تي صرف مذمت ئي ڪندو رهيو.
آذربائيجان ۽ آرمينيا ۾ جنگ
آذر بائيجان ۽ آرمينيا ۾ تڪرار به ائين ئي آهي جنهن پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾، هندستانين ۽ اسان گڏيل طور برطانيا ۽ آذر بائيجان، آرمينيا وري سوئيت يونين کان 1991 ۾ آزادي ورتي، انهن ملڪن ۾ ڪجهه معاملا جي حل نه ٿي سگهيا، اهي اڄ تائين تڪرار جو سبب بڻيل آهن، پاڪستان ۽ انڊيا ۾ ڪشمير آهي ته هنن ٻنهي ملڪن ۾ وري نگورنوڪاراباخ آهي. اصل ۾ هي علائقو قانوني طور تي آذربائيجان جو آهي، جنهن جي گڏيل قومن پڻ تصديق ڪئي آهي، پر ان علائقي ۾ آبادي آرمينيائي ماڻهن جي آهي، جن جا ثقافتي، سياسي ۽ سماجي لڳ لاڳاپا آرمينيا سان ئي آهن، ٻنهي ملڪن ۾ هن علائقي جي مالڪي تان ڪيترائي ڀيرا جهڙپون ٿيون پر 2020 اهڙو سال ثابت ٿيو جو ٻئي ملڪ روايتي جنگ جي ميدان ۾ اچي ويا، ٻنهي ملڪن جي عام شهرين سميت سوين فوجي مارجي ويا، آخر ۾ روس جي ٽياڪڙي سان ٻنهي ملڪن جنگ بندي ڪري ورتي آهي.
آمريڪا ۾ نسلي اڻبرابري خلاف تاريخي احتجاج
آمريڪا جي مني اپولز شهر ۾ قانون نافذ ڪندڙ ادارن 25 مئي 2020 ع تي هڪ ڪاري رنگ جي شهري 46 سالن جي جارج فلائيڊ کي قتل ڪيو، پوليس اهلڪار سندس ڪنڌ تي لت رکي ويهي رهيو ۽ ايتري تائين ويٺو رهيو جيستائين سندس دم پرواز نه ٿي ويو، موقعي تي موجود ڪجهه ماڻهن کي خوفناڪ واقعي جي وڊيو رڪارڊ ڪري ڇڏيو، جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد آمريڪا ۾ باهيون لڳي ويون، لکين ڪاري رنگ جا آمريڪا روڊن تي نڪري آيا ۽ شهر شهر ۾ احتجاج شروع ٿي ويو. ڪو اهڙو شهر نه هو جنهن ۾ احتجاج نه ڪيا ويا هجن، مظاهرن ۾ روشن خيال گوري رنگ جي آمريڪي شهرين به وڏي انگ ۾ حصو ورتو، خاص طور ڪاري رنگ جا ماڻهو تمام گهڻو ڪاوڙيل هئا، ڪيترن ئي شهرن ۾ مڪمل طور تي افراتفري پکڙجي وئي هئي، سرڪاري آفيسن تي حملا ڪري انهن کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو. سوشل ميڊيا تي مسلسل هڪ ٽرينڊ هلايو ويو جنهن جو عنوان هو ”ڪارن ماڻهن جي زندگي به اهميت رکي ٿي“ هن ٽرينڊ ۾ لکين ماڻهن حصو ورتو. آمريڪا جيڪو دنيا جو طاقتور ملڪ آهي، جنهن جي پوري دنيا ۾ دهشت آهي، اهو ايترو ته مجبور ٿي ويو جو ڪيترن ئي پنهنجن شهرن ۾ مارشلا نافذ ڪري خاص سيڪيورٽي دستا مقرر ڪيا ته جيئن سرڪاري عمارتون ۽ آفيسون بچائي سگهجن ۽ عوامي ملڪيتن کي تحفظ ڏئي سگهجي. ڪارن ماڻهن جي حمايت ۾ سڄي دنيا ۾ احتجاج شروع ٿي ويو، يورپ جي اڪثر ملڪن ۾ روڊ رستا بلاڪ ڪري شديد نعري بازي ڪئي وئي. ائين ته آمريڪا آئي ڏينهن ڪجهه نه ڪجهه اهڙو ڪندرو رهندو آهي، جنهن جي ڪري هر سال ئي انهن جي ڪانه ڪا تاريخ ٺاهيندو آهي، پر سال 2020 کي آمريڪا ۾ نسلي اڻبرابري طور ياد رکيو ويندو.