140

نئون سال 2021ع ۽ نيون اميدون

ليکڪ: نصير چنا

ڪيترن ئي ڏکن، سکن، تڪليفن، واقعن، حادثن ۽ مصيبتن کي منھن ڏئي ھر سال جيان سال 2020ع جو آخري سج بھ ھميشھ لاءِ لھي ويو، سال 2020ع ملڪ جي عوام خاص طور تي سنڌ جي عوام لاءِ ڏاڍو ڏکيو، ڳرو ۽ تڪليفن وارو ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ تھ ان سال ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس ملڪ ۾ تباھي آڻي ڇڏي، 10 ھزار کان وڌيڪ ماڻھو ھن عالمي وبا سبب پنھنجيون حياتيون وڃائي ويٺا، 4 لک 77 ھزار کان وڌيڪ ماڻھو ھن مرض ۾ مبتلا ٿيا، ھن وقت بھ سنڌ ۾ متاثرن جو انگ 2 لک 13 هزار کان وڌيڪ آھي، جڏھن تھ سنڌ ۾ 3520 فوتگيون ٿي چڪيون آھن، ڪورونا سبب لکين ماڻھو بيروزگار ٿي ويا، ڪاروبار بند ٿي ويو، ملون، فيڪٽريون، صنعتون ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز لاڪ ڊائون سبب بند ٿي ويا، ملڪ جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسيو پر ان سان گڏ لکين نوجوانن جي تعليم پڻ متاثر ٿي، اسڪولن کي بند ڪرڻ، آفيسن ۾ حاضري گھٽائڻ ۽ ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ ھزارين مزدورن کي نوڪرين مان نيڪالي ڏيڻ ڪري سندس گھرن جا چلھا وسامي ويا، شاگردن جي امتحانن ۽ يونيورسٽين ۾ نئين داخلا لاءِ پڻ سخت مشڪلاتون پيش آيون ۽ سنڌ جي درگاھن کي بھ بند ڪيو ويو، بيروزگاري کان تنگ اچي ڪيترن ئي ماڻهن زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو، اھڙا منظر ڏسي دل رت جا ڳوڙھا پئي ڳاڙيا، پر ان دوران ڪجھھ خدا ترس ماڻھن، سرندي وارن ۽ سماجي تنظيمن بھ ھٿ ونڊائي غريبن کي گھر گھر راشن پھچائي سندس مدد ڪئي، هلندڙ سال برساتن ۽ ڪچي ۾ آيل ٻوڏ بھ تباھي مچائي ھزارين ماڻھن کي بي گھر ڪري بک ۽ بدحالي تي مجبور ڪري ڇڏيو، ڪچي ۾ آيل ٻوڏ سبب ھزارين ماڻھن جا گھر ٻڏي ويا، جن پنھنجي ٻارڙن سميت سرڪاري اسڪولن ۽ بندن تي پناھھ ورتي، تھ وري ڪيترائي ماڻھو پنھنجي مٽن مائٽن ڏانھن ھليا ويا، ٻوڏ سبب لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباھھ ٿي ويا جنھن ڪري آبادگارن ۽ ھارين کي پڻ تمام گھڻو نقصان رسيو، جنھن جو ازالو اڃا تائين نھ ٿي سگھيو آھي، شھرن ۾ بھ برسات سبب عوام سخت ڏکيائين کي منھن ڏنو، مٿان وري وفاقي حڪومت ٽئڪس وڌائي پنجوڻ تي مھانگائي ڪري ڇڏي، جنھن ڪري غريب ۽ مسڪين عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ بھ پريشان ٿي ويو آھي، اٽو، چانور، کنڊ، دالين، گيھھ ۽ سبزين جا اگھھ ڳاٽي ٽوڙ وڌڻ سبب اهي ماڻهن جي پهچ کان پري ٿي ويا، وفاقي حڪومت جي ناقص پاليسن سبب عوام سخت پريشانين جي ور چڙھي ويو آھي، وزيراعظم عمران خان يوٽرن وٺي ھزارين ماڻھن کي حددخلين جي آڙ ۾ بيدخل ڪرائي ڇڏيو، مختلف شھرن ۾ قبضا ھٽائڻ جي آڙ ۾ ھڪ طرف ماڻھن کي بي گھر ڪيو ويو تھ ٻئي طرف وري پي آءِ اي، اسٽيل مل ۽ ٻين سرڪاري ادارن مان ملازمن کي جبري برطرف ڪري ڀڳڙڻ جي مٺ عيوض کپائڻ جي منظوري ڏني، جنھن خلاف اڄ بھ متاثر سراپا احتجاج بڻيل آھن، پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ بجلي ۽ گئس جا 4 ڀيرا اگھھ وڌائي عوام تي اربين رپين جو بار وڌو ويو، سال 2020ع ۾ جتي ڪيترائي واقعا ۽ حادثا پيش آيا، اتي لاهور کان ڪراچي ايندڙ پي آءِ اي جي جهاز حادثي به سڄي ملڪ کي سوڳوار ڪري ڇڏيو، لاهور کان ڪراچي ايندڙ جهاز ڪراچي ۾ ايئرپورٽ تي لينڊنگ دوران گهرن مٿان ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ سئو کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ، بک ۽ بدحالي سبب 800 کان وڌيڪ ٻار فوت ٿي ويا، ملڪ ۾ سياسي اڳواڻن جون گرفتاريون ٿيون، انھن تي ڪيس داخل ڪيا ويا، پي ڊي ايم جي حڪومت خلاف تحريڪ شروع ٿي، جلسا جلوس ٿيا، گلگت بلتستان ۾ اليڪشن ٿي، ڪورونا سبب ڪيترائي سياسي سماجي اڳواڻ پنھنجيون حياتيون وڃائي ويٺا، پر ان سان گڏ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ به هڪ بحران پيدا ٿي ويو، ڪيترائي اخباري ادارا بند ٿي ويا، ورڪرن کي نيڪالي ڏئي بيروزگار ڪيو ويو، ٻئي پاسي لکين عورتن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي ملندڙ وظيفي واري پروگرام جو نالو تبديل ڪري عورتن جو وظيفو بند ڪيو ويو، جنهن ڪري عورتون اڃا تائين احساس رجسٽريشن جي نالي تي پنهنجي رجسٽريشن ڪرائڻ لاءِ نادرا آفيسن آڏو دربدر بڻيل آهن، ملڪ ۾ تعليم کي ھٿي ڏيارڻ بدران شاگردن جون اسڪالر شپس ختم ڪيون ويون، ايم اي، ايم ايس سي ۽ بي ايس سي سميت ٻن سالن واريون ڊگريون ختم ڪري ھزارين شاگردن کي دربدر ڪيو ويو، 2020ع ۾ ڪورونا سبب آن لائين تعليم ۾ اضافو ٿيو، جڏهن ته ڪيترائي پروگرام، سيمينار، تربيتي ورڪشاپ ۽ ليڪچر ورچوئل ٿي ويا، استادن شاگردن کي آن لائن ڪلاس ڏيڻ شروع ڪيا، وفاقي حڪومت سنڌ جي ٻيٽن تي پڻ قبضو ڪيو ويو، جنهن تي پڻ سنڌ جون سياسي سماجي ۽ قومپرست ڌريون سراپا احتجاج بڻيل آهن ۽ لاڳو ڪيل صدارتي آرڊيننس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري رهيون آهن، دعائون آهن ته شال رب پاڪ نئين سال 2021ع ۾ خوشين کي واپس آڻي ۽ هي سال ملڪ ۽ قوم لاءِ خوشحالي جو سال ثابت ٿئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو